ريٿڪ روشن پاران فٽنس ٽرينر کي 20 لک رپيا پگھار ڏيڻ جو انڪشاف

0
61
ريٿڪ روشن پاران فٽنس ٽرينر کي 20 لک رپيا پگھار ڏيڻ جو انڪشاف
ريٿڪ روشن پاران فٽنس ٽرينر کي 20 لک رپيا پگھار ڏيڻ جو انڪشاف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو مشهور اداڪارا ريٿڪ روشن بابت انڪشاف ٿيو آهي ته هو پنهنجي پرسنل فٽنس ٽرينر کي 20 لک رپيا ماهوار ادا ڪندو آهي.ريٿڪ روشن بالي ووڊ جي وڏن نالن مان هڪ آهي، هن گذريل ورهين دوران هندي سينيما ۾ ڪيتريون ئي هٽ فلمون ڪيون، ريٿڪ روشن روشن پنهنجي بهترين ڊانس جي صلاحيتن سبب به شهرت رکي ٿو. ريٿڪ روشن سدائين گھڻن ماڻهن لاءِ فٽنس آئڪون رهيو آهي. هو اڄ ڪالهه پنهنجي گرل فرينڊ صبا آزاد سان گڏ ڊيٽنگ ۾ مصروف ۽ خبرن جي زينت بڻيل آهي. اداڪار نه رڳو مين اسٽريم ميڊيا پر سوشل ميڊيا تي به گھڻي فين فالوونگ رکندڙ آهي، سندس انسٽاگرام تي 45.7 ملين فالوورز آهن، هو پنهنجي شاهاڻي زندگي ۽ ورزش بابت پوسٽون پنهنجي مداحن سان شيئر ڪندو رهندو آهي. ڀارتي ميڊيا طرفان هاڻ اداڪارا ريٿڪ روشن جي ذاتي فٽنس ٽرينر جي فيس بابت انڪشاف ڪيو ويو آهي جنهن موجب ريٿڪ روشن پنهنجي سِڪس پيڪ ۽ جسم کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي فٽنس ٽرينر ڪرس گيٿن کي ماهوار 20 لک رپيا ادا ڪندو آهي