ڪراچي: چيف جسٽس آف پاڪستان ريلوي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي حڪومت کي ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته وزيراعظم کي اهو معاملو پاڻ ڏسڻ گهرجي. ڪالهه ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريلوي واري سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان ماڻهن کي مارڻ جو ٺيڪو کنيو آهي، چيف جسٽس ريلوي واري سيڪريٽري کان پڇيو ته اوهان جي دور ۾ ڪيترا ماڻهو حادثن ۾ فوت ٿيا؟ اوهان توڙي اوهان جي وزير کي ڪجهه ٿئي ٿو، عدالت پڇيو ته سکر ٽرين حادثي ۾ ڪيترا ماڻهو فوت ٿيا؟ جنهن تي ريلوي واري سيڪريٽري جواب ڏنو ته 65 ماڻهو فوت ٿيا، جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي رڳو ريلوي جي زمين وڪرو ڪرڻ جو فڪر آهي، اوهان جي سوچ اها آهي ته کيسن ۾ پئسو ڪيئن وجهڻو آهي؟. چيف جسٽس چيو ته اوهان جي دور ۾ هڪ ٻه هزار ماڻهو ريلوي حادثن ۾ فوت ٿيا آهن، جيڪڏهن اوهان کان ريلوي نه ٿي هلي ته ڇڏي ڏيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جا مزا آهن، ماڻهو مرن ٿا ته مرن، اوهان چئو ٿا ته آئون رڳو سيڪريٽري لڳل هجان! عدالت چيو ته ريلوي حادثن کي روڪڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي، وزير ريلوي حادثي کانپوءِ پهچي مرندڙن لاءِ 15-15 لک معاوضي جو اعلان ڪري ڇڏيندا آهن. چيف جسٽس چيو ته ماڻهن کي اوهان جا 15 لک نه گهرجن، انهن کي پنهنجو والد، والده ۽ ڀاءُ گهرجي. ان موقعي تي ريلوي جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته سکر کان ڪراچي تائين ريلوي جو 82 سيڪڙو ٽريڪ خراب آهي. ان موقعي تي ريلوي جي وڪيل چيو ته ريلوي واري وزير کي چئون ٿا ته ٽريڪ ٺاهيو ته هو چوي ٿو ته ايم ايل ون ايندو ته پوءِ ڏسنداسين، ايم ايل ون ٺهڻ ۾ 9 سال لڳي ويندا جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌايو ته اهو ڪم ڪنهن کي ڪرڻو آهي اسان کي ناهي ڪرڻو؟ چيف جسٽس سيڪريٽري ريلوي سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي وزير جي ڪانفرنس ڏٺي، مون کي لڳو ته وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري استعيفا ڏيندا پر نه ڏنائون، اهي ماڻهو صرف ماڻهن کي مارائي رهيا آهن. ڪراچي کان سکر تائين ٽريڪ مسافرن لاءِ خطرناڪ ۽ استعمال جوڳو ناهي. چيف جسٽس چيو ته ريلوي واري وزير چيو ته منهنجي استعيفا ڏيڻ سان ڪو واپس اچي ويندو ته استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ريلوي وزير جو اهو بيان غير ذميواراڻو ۽ ڳڻتي جوڳو آهي، چيف جسٽس اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته وزيراعظم کي اهو معاملو پاڻ ڏسڻ گهرجي.