رياست ۽ ادارن سان سياسي راند

0
156
رياست ۽ ادارن سان سياسي راند

 عمران خان هن ملڪ جي سياسي اڳواڻن ۾ اهڙو اڳواڻ شمار ڪيو ٿو وڃي ۽ شمار ڪيو ويندو جنهن کلئي عام پنهنجي اقتداري حاصلات جي خواهشن جو نه رڳو اظهار ڪيو آهي پر انهيءَ جي لاءِ هو اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ جي لاءِ تيار نظر ٿو اچي، جيڪو عمل ڪرڻ کان سياسي شهرت جي هڪ خاص درجي تي پهچڻ کان پوءِ گھڻي ڀاڱي سياستدان احتياط کان ڪم وٺندا آهن. پر عوام جي ڀٺڀرائي ۽ حمايت ملڻ کان پوءِ هنن جا جيڪي به تعلقات ٻين قوتن سان جڙيل هوندا آهن انهن کي گھڻي ڀاڱي ختم ڪري ڇڏيندا آهن جو جڏهن اهي تعلقات عوام کي ناپسند هجڻ جو احساس ٿيندو اٿن يا هو ٺيڪ طرح سان اهو سمجھندا آهن ته هاڻي اهي تعلقات جمهوريت ۽ عوامي حقن جي لاءِ ڪنهن به طرح ٺيڪ ناهن. پر عمران خان انهن سڀني خيالن ۽ فڪرن کان هٽي ڪري اهو ڪجھ ڪري رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي جيڪو هن ملڪ جي سياست ۽ جمهوريت جي لاءِ انتهائي خوفناڪ ۽ خطرناڪ نتيجا ڏئي سگهي ٿو. نه رڳو اهو اندازو ۽ امڪان چئي ٿو سگھجي پر هن ملڪ جي پوري تاريخ اهڙن سياسي تجربن جي ليبارٽري رهندي هن ملڪ کي بري طرح تحس نحس ڪيو آهي. هن ملڪ جي جيڪڏهن کان معاشي بدحالي ۽ بحران جو بنياد سياسي عدم استحڪام آهي ته اهو سياسي عدم استحڪام جو سڌو سنئون تعلق ان خوفناڪ اقتداري حاصلات جي راند سان آهي جيڪا راند کيڏيندي هي بربادي اسان جي اڳيان آهي ۽ انهيءَ جو هاڻي هڪ طاقتور انداز سان ورجاءُ ڪندي عمران خان اهائي خوفناڪي جي راند هن رياست ۽  هن رياست جي ادارن سان کيڏي پيو. جڏهن هو سڌو مطالبو ڪندي آرمي جي نئين جنرل کي اهوئي ٿو چئي جيڪو هن پهريان کان مطالبو ڪيو ته هو نيوٽرل نه رهي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نه رڳو ايترو پر هو اڳتي وڌي ڪري ملڪ جي اعليٰ عدليه کي به اهڙي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ باربار چئي پيو سندس مطلب هي آهي ته اهي ٻئي ادارا يعني فوج ۽ عدليه پنهنجي

آئيني دائرن کان ٻاهر نڪري ملڪ جي سياسي عمل ۾ مداخلت ڪن ۽ اهو ڪجھ ڪن جيڪو خان صاحب کي پسند آهي ۽ هن جي مرضي مطابق آهي.

سياسي آمريت جي نفسيات اهائي هوندي آهي ته هو عوام جي جمهوري حق ۽ سياسي شعور کي ڪمزور نستو ۽ بيڪار سمجھندي انهيءَ جو استعمال صرف ۽ صرف اقتدار جي حاصلات جي لاءِ اهڙي حڪمتِ عملي سان ڪيو ويندو آهي جيئن انهن جي تمام عملن کي عوام جي حمايت تصور ڪرائي سگھجي. پر اقتدار جي مستقل حاصلات جي لاءِ هو هٿياربند فورس جو استعمال ڪندا آهن. اهوئي عمران خان سرعام اهو چئي ٿو ته هن ملڪ جي فوج عمران خان جي سياست جو ماتحت ادارو بڻجي وڃي ۽ عدالت به اهي ئي فيصلا ڪري جيڪي هو چاهي ٿو. سياسي آمريت جي پوري تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته اهڙي قسم جا ليڊر پنهنجي انهن عملن کي مذهب ۽ حب الوطني جي نعرن ۽ دعوائن جي بنيادن تي اڳتي وڌائيندا آهن ۽ جڏهن هو اقتدار ۾ ايندا آهن ته پوءِ پنهنجي اقتدار کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ ئي طاقت کي هر طرح سان خوش رکڻ ۽ نوازڻ جي پاليسي اختيار ڪندا آهن. بيشڪ هن ملڪ جي پوري تاريخ سياست جي انهن گناهن سان ڀريل رهي آهي ۽ ان ڪري ئي سياست جو قدم عوام ڏي وڌڻ بجاءِ ڊرائنگ رومن جي ٽيبلن تي ويٺل نظر ايندا آهن. ڇو ته هو يقين جي آخري حد تائين پهتل هوندا آهن ته اقتدار جي طاقت کي عوام جي طاقت سان قائم رکڻ انتهائي مشڪل ۽ ناممڪن آهي، انهيءَ ڪري هو آسان طريقو اهوئي اختيار ڪندا آهن ته طاقت کي يعني رياست جي ادارن کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪندي اقتدار حاصل به ڪجي ۽ انهيءَ کي استحڪام به ڏجي. اقتدار جي حاصلات جي خواهش ۽ جنون صرف سهولتن ۽ دولت ڪمائڻ جي لاءِ ناهي هوندو. تاريخ جا ڪيترائي اقتدار پرست ۽ جنوني ڪردار رهيا آهن جن هڪ پيسي جي به ڪرپشن ناهي ڪئي پر اقتدار جي طاقت کي استعمال ڪندي بد کان بدتر ظلم زيادتيون ۽ برباديون آنديون آهن. پر انهي سان گڏوگڏ هي به اسان کي وڌيڪ صاف ۽ چٽو نظر ٿو اچي ته انهن جي سياسي گروھ ۾ هڪ وڏي اڪثريت انهن ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي اقتدار جي طاقت کي پنهنجي دولت ڪمائڻ جي مقصد جي لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. اها ڄاڻ انهن ليڊرن کي هوندي آهي ته منهنجي گروھ ۾ شامل يا منهنجا پوئلڳ حمايتي ڪهڙا ڪم ۽ ڪهڙي ڪرپشن ڪن پيا، ليڪن هو انهن کي روڪيندا ناهن. انهن جي حمايت ۽ دولت کي پنهنجي طاقت ۽ سياسي مقصد جي لاءِ استعمال ڪندا آهن. ان پوري گيم ۾ وڌ کان وڌ نقصان ملڪ ۽ قوم جو ٿيندو آهي. اسان کي هي به ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته دنيا جي اڪثريتي آمريتن ۾ ڪڏهن به ملڪ ترقي ناهن ڪري سگھندا. پارٽي آمريت جو مثال سوشلسٽ حڪومتن جو ڏيندي چيو ويندو آهي ته اهي ملڪ پارٽي ڊڪٽيٽرشپ ۾ وڌيڪ ترقي ڪري سگھيا آهن پر انهيءَ کي سمجھڻ ايترو ڏکيو ناهي. ڇو ته هڪ پارٽي ۽ فرد جي ڊڪٽيٽرشپ ڪردار ۾ ۽ جوڙجڪ ۾ ڏينهن رات جو فرق هجي ٿو. بحث جي طوالت کان بچندي پاڻ ان جي گھڻي تفصيل ۾ نٿا وڃون ته ڪميونسٽ پارٽين جو تنظيمي ڍانچو، جوڙجڪ ۽ نظريو يا تربيت جا ادارا ڪيئن هجن ٿا ۽ انهن ۾ اقرباپروري ۽ ڪرپشن ڪيتري ڪمزور هوندي آهي. انهن جي ڪيل ترقي کي مثال بڻائي ڪڏهن به آمريت جي يا پارٽي ڊڪٽيٽرشپ جي مڪمل حمايت نٿي ڪري سگجھي. ڇو ته خود لينن اهوئي چيو هو ته پرولتيائي ڊڪٽيٽرشپ هڪ عارضي ۽ عبوري دور کان وڌيڪ نه هجڻ گھرجي. جنهن کان پوءِ عوامي جمهوريت جي طرف وڌڻ انتهائي ضروري آهي. لينني نقطه نگاھ کان طبقاتي معاشري جي جمهوريت بورجوا ڊيموڪريسي آهي، انهيءَ کان هٽي ڪري هن پيپل ڊيموڪريسي يعني عوامي جمهوريت جو اصول ڏنو آهي جنهن جو مقصد به اهوئي اهي ته آمريت ڪنهن به صورت ۾ عوام جي لاءِ بهتر ناهي ۽ نه آمريت جي ذريعي سان مستقل رکندي برقرار رکندي اڳتي وڌي سگھجي ٿو.

هن وقت عمران خان جڏهن اها ” راند“ کيڏي پيو ته پاڻ اهو ڪنهن به صورت ۾ نٿا چئي سگھون ته هو شعوري طور تي ان جي نقصانن کي نٿو سمجھي يا هو تاريخ جي شعور کان بي خبر اڳواڻ آهي. عمران خان اهو سڀ ڪجھ سوچي سمجھي ڪري ٿو جيڪو هن کي صرف ۽ صرف پنهنجي اقتداري حاصلات جي لاءِ فائديمند لڳي ٿو. اهو ضروري ناهي ته هنن حالتن ۾ ۽ هاڻي ئي کيس فائدو پهچي پر هو ڄاڻي ٿو ته هن ملڪ جي اندر اها راند هڪ ڏينهن جلد هن جي حق ۾ ٿي ويندي. ۽ هو کليو اظهار ئي ان جي لاءِ ٿو ڪري ته رياست جي ادارن کي پنهنجي طرف مائل ڪري ۽ پنهنجي لاءِ هڪ اٽريڪشن پيدا ڪري. هو هاڻي به ان مغالطي ۾ مبتلا آهي ته هو تمام گھڻو باصلاحيت، سمجهدار، ٽيلينٽيڊ ليڊر آهي. هن جي مقابلي ۾ هن ملڪ جي اندر ٻيو ڪو به ليڊر ناهي. هو اهو سڀ ڪجھ ڪري ويندو جيڪو هو چاهي ٿو، پر انهيءَ جي لاءِ هن جي دماغ ۾ اهوئي ويٺل آهي ته پوري طاقت هن جي مٺِ ۾ هجي ۽ ڊگھي عرصي تائين هن جي اقتدار ۽ سياست کي ڪو به خطرو نه هجي. پاڻ ڪردار ڪشي ڪرپشن جي بحث ۾ نٿا الجھون. پاڻ هي به الزام نٿا لڳايون ته هو گھڙي چور جي طعني جو شڪار ٿو ٿئي. ڪجھ ڪروڙن جي گھڙي وزير اعظم جي لاءِ ڪا وڏي اهميت نٿي رکي يا ممڪن آهي ته هن جي لاءِ ائين هجي ليڪن اهو نٿا سمجھون. تحفي جي اخلاقيات جي اشرافيائي تصورن کان هٽي ڪري هن وقت سياست جو بحث انهن حڪمتِ عملين ۽ طريقن تي آ جنهن هن ملڪ جي سياست کي مني صدي تائين نپوڙيو آهي. جي مستقبل ۾ به اها حڪمتِ عملي رهي ته پوءِ هن ملڪ جي عوام جو اڃا وڌيڪ برو حال ٿيندو. عوام جي لاءِ ۽ ملڪ جي لاءِ لازم آهي ته رياست ۽ ان جي ادارن کي پنهنجي قانوني حدن ۾ رکندي جمهوري نظام کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ اهڙي خوفناڪ گيم جي المين کان عوام کي وڌ کان وڌ باخبر رکندي سخت کان سخت مخالفت ڪئي وڃي. سياسي استحڪام ان بنيادن تي قائم ٿيندو ته رياست جا ادارا پنهنجن دائرن ۾ رهن حڪومت ۽ مخالف ڌر ڀلي هڪ ٽيبل تي نه ويهن. سياسي احتجاج ۽ تنقيدون جمهوريت جي طاقت هونديون آهن. ان سان عدم استحڪام پيدا ناهي ٿيندو. عدم استحڪام صرف تڏهن پيدا ٿيندو آهي جڏهن جمهوريت ۽ آمريت جو ڪاڪٽيل ٺاهيو وڃي.