رياست مخالف ڪيس: نواز ليگ اڳواڻ جاويد لطيف گرفتار

0
440

لاھور (بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻ جاويد لطيف کي عبوري ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو، لاھور جي مقامي عدالت ۾ جاويد لطيف خلاف رياست مخالف ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، جنھن ۾ سرڪاري وڪيل ان جي ضمانت رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي، سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو تھ جاويد لطيف جو تڪراري بيان پنھنجي ليڊر جي محبت ۾ حد کان وڌڻ جي برابر آھي، ان جي بيان کي سي ڊي کي فرانزڪ جي لاءِ موڪليو ويو آھي، پراسيڪيوشن جو ڪيس قانون جي سمورن گھرجن موجب آھي، ان مرحلي تي جاويد لطيف جي ضمانت نٿي ٺھي، ان موقعي تي جاويد لطيف جي وڪيل چيو تھ مريم نواز کي قتل ڪرڻ جي لاءِ سازش تيار ڪئي وئي ۽ ان سازش کي نظر ۾ رکندي جاويد لطيف اھا ڳالھھ ڪئي، سي آءِ اي لاھور ڪيس کي ڏسي رھي آھي، جاويد لطيف جي عبوري ضمانت خارج ٿيڻ بعد پوليس ان کي گرفتار ڪري ورتو.