رياست جو وفاقي ڍانچو

0
178
ماسيءَ جي نانءُ!

 رياست جو موجوده سماجي، سياسي ۽ معاشي ڍانچو جياپي ۽ سُک جي ڊوڙ ۾ ڪٽنب، قبيلي ۽ بادشاهت کان ٿيندو هڪ وڏو ارتقائي تاريخي سفر طئه ڪري ان هنڌ تائين پھتو آھي، جنھن هنڌ اسان کي رياست جو آئين، ٿنڀ، قسم ۽ ڪم وغيره ملن ٿا. رياست وجود ۾ تڏھن آئي جڏھن سماج ۾ مفادن جي ايڪائي اقليت جي زور آور ٿيڻ سان ختم ٿي وئي ۽ اها اڻ سرچندڙ تضاد جي جهيڙي ۾ وکرجي وئي. رياست کي سمجهڻ لاءِ تاريخ ۾ جهاتي پائڻ سان خبر پوي ٿي ته تاريخ ۾ رياست بابت مذھبي تصورن جو استحصال پسند عروج رهيو آھي، جنھن مطابق رياست خدا طرفان هڪ تحفو آھي جنھن کي جيئن جو تيئن قبولڻ گهرجي. جيڪا ڳالھه پڻ مذھبي اقتدار پسند ڌرين طرفان ڦھلايل هڪ ڄار آھي، جنھن ۾ انسان وچڙندو پيو اچي.

جڏھن ته سماجي سائنس جي نظر ۾ رياست جو قيام هڪ تاريخي ۽ ارتقائي عمل آھي. هيستائين دنيا ۾ 200 کان وڌيڪ رياستون آھن اهي سڀ پنھنجي ايراضي، آبادي، سياسي سٽاءُ ۽ معاشي توڙي ثقافتي ترقي جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان مختلف آھن. بنيادي طرح رياست ۾ آبادي، جاگرافيائي حدن، حڪومت ۽ خودمختياري جو هجڻ رياست چورائي ٿو. هونئن ته رياست جا ڪيترائي قسم آھن پر  بنيادي ٻه اهم سرشتا آھن. جيڪي ملڪ جي اندروني توڙي ٻاهرين پر خاص طرح اندروني  سياسي اٿل پٿل، جهيڙن جهٽن، ترقي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجن ٿا. رياست گهر آھي ۽ حڪومت ان کي هلائيندڙ ان جا ڀاتي. سڀ کان پھريون سوال ته خود رياست جي بنياد ۽ ڍانچي جو آھي ته رياست ڪھڙن بنياد تي بيٺل آھي ۽ ٻيو ته ان رياست کي هلائڻ لاءِ ڪھڙو نظام رائج آھي!؟

دنيا اندر عام طرح رياستي ڍانچي جا ٻه بنيادي روپ آھن، هڪ وحداني/مرڪزيت (Unitary) ۽ ٻيو وفاقي (Federal). وحداني رياست جي جوڙجڪ هجي ٿي جنھن ۾ ڍانچي ۾ ڪجھه انتظامي ۽ علائقائي ورڇ ڪئي وڃي ٿي، اهڙي رياست ۾ اڪيلو آئين هجي ٿو ۽ رياستي ڪَل پُرزن جو سَرچيل نظام هجي ٿو. ان کي مليل قوميت توڙي اختيار جو دائرو، انھيءَ رياست جي پوري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ٿو ۽ مقامي ادارا، مرڪزي ادارن جي ماتحت هجن ٿا. جيئن ته اڄ جو موضوع وفاقيت آھي تنھن ڪري پاڻ وحداني رياست جي نظام جي تفصيل ۾ وڃڻ بدران وفاقيت تي ڳالهايون ٿا.  وفاقيت هڪ انگريزي اصطلاح آھي، جيڪو لاطيني ٻوليءَ جي لفظ مان ورتل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي، ٺاھه يا اتحاد  ڪرڻ. وفاقيت دراصل هڪ اهڙو حڪومتي نظام آھي جنھن ۾ مختلف قومون، مختلف نسلي، لساني ۽ ثقافتي اقليتون  انھي ٺاھه يا اتحاد جي صورت ۾ گڏ رهڻ جي اهل بڻجنديون آھن. وفاقي رياست يا وفاق (federalism) ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ رياستي جوڙجڪن جي ترڪيب هجي ٿي، انھن ۾ هر هڪ وٽ پنھنجي قانون ٺاهيندڙ اسيمبلي، انتظامي ۽ عدالتي عضوا هجن ٿا. وفاق ۾ شامل رياستي جوڙجڪن جي آزادي توڙي خودمختياري رڳو وفاق کي مليل خودمختياري توڙي حقن سان ئي مشروط هجي ٿي. عام طرح پارليامينٽ ۾ ٻه ايوان هجن ٿا.

گوگل وڪي پيڊيا مطابق دنيا ۾ 25 وفاقي رياستون آھن مطلب 40 سيڪڙو؛ جڏھن ته وحدانيت/ مرڪزيت تي ٻڌل 166 رياستون آھن. اسان جو ملڪ پاڪستان مٿين 25 وفاقي رياستن ۾ شمار ٿئي ٿو.

اچو ڏسون ته وفاقيت دراصل آھي ڇا؟ ۽ ان جا ڪھڙا لوازمات آھن؟ اهو سمجهڻ ان ڪري پڻ ضروري آھي جو اسان جي  ملڪ کي پڻ هڪ  وفاقي ملڪ سڏيو ويندو  آھي. اسين جيڪڏھن وفاقيت ۽ خاص طرح جمھوري وفاق کي نه سمجهنداسين ته اسين هن گهڻ  قومي رياست ۾ پيدا ٿيندڙ مختلف سياسي، سماجي، معاشي، نسلي ۽ مذھبي ڇڪتاڻ جو سبب ڳولي نه سگهنداسين. وفاقيت هڪ حڪومتي نظام آھي، جنھن ۾ آئين جي بالادستي، قومن جي برابريءَ، سماجي انصاف، سُٺي حڪمراني، صوبائي خودمختياري، وفاق ۽ صوبن ۾ اختيارن جي متوازن ورهاست، ٻن ايوانن واري حقيقي پارلياماني نظام ۽ ثقافتي توڙي معاشي آزاديءَ جي مڪمل ضمانت ڏنل هجي ٿي. دراصل وفاق قومن جي گهڻائيءَ ۾ اتحاد کي اڀاريندڙ ۽ ان کي متوازن انداز ۾ هلائيندڙ حڪومتي نظام آھي. بنيادي طرح وفاق ۾ ٽن قسمن جا تضاد ۽ سوال ڪارونجهر جيان ڪَر کنيو بيٺا هوندا آهن، البته وفاق ته گهڻ قومي، گهڻ نسلي، گهڻ ٻوليائي رياستن جو هڪ الحاق هوندي آھي، تنھن ڪري انھن جي گڏجي رهڻ لاءِ ٽن بنيادي عملن جي ضرورت پوندي آھي. 1.وفاقيت ۾ هيڪڙائيءَ (Unity in Federalism)،2. وفاقيت ۾ گهڻائيءَ (Diversity in Federalism) ۽ 3. گهڻائيءَ ۾ هيڪڙائيءَ (Unity in diversity). وفاقيت ۾ هيڪڙائيءَ (Unity in Federalism) جو مطلب آھي ته  ٻوليءَ، قوم، آزادي ۽ ثقافتي خود مختياري جو سوال ۽ تڪرار جيڪي وفاق جي ترقي ۾ رڪاوٽ هوندا آھن تن تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ٻڌي ۽ ڀائيچاري لاءِ قومن جي گڏپ تي زور ڏنو ويندو آھي ۽ قومن جي گهڻائي جو پڻ خيال رکيو ويندو آھي ۽ ان جو مقصد اهو هوندو آھي ته ملڪ ۾ شامل قومن ۾ ڪنھن به قسم جو ڪو امڪاني تڪرار پيدا نه ٿئي.

وفاقيت ۾ گهڻائيءَ (Diversity in Federalism) جو مطلب آھي ته قومي ڊائيورسٽي جو جمهوري احترام ڪيو وڃي ۽ انساني سماج ۾ موجود مختلف نسلي، لساني، قومي ۽  ثقافتي گڏپ ۾، هر ڪنھن سان آئين ۽ قانون مطابق انصاف ڀريو رويو رکيو وڃي.“ گهڻائيءَ ۾ هيڪڙائيءَ” يا “گڏپ ۾ اتحاد” (Unity in diversity) واري تصور جو مطلب اهو آھي، ته مختلف نسلي، قومي، ثقافتي ۽ اقليتي گروهن جي “گهڻائي” پاڻ ۾ گڏجي اهڙي طرح سان رهي، جو اها گهڻائيءَ، هيڪڙائيءَ وانگر ڏسڻ ۾ اچي. انھن ٽن اهم شين جي آئيني ضمانت لاءِ وفاقيت هڪ بهترين حل آھي ۽ ٽئي شيون وفاق جي چئن بُنيادي تصورن آئين جي بالادستي، اختيارن جي متوازن ورهاست، آزاد عدليه ۽ ٻن ايوانن واري پارلياماني سرشتي ۾ مڪملتا تائين پهچنديون آھن ۽ انصاف ممڪن بڻجندو آھي. اسان وٽ عام طرح رياست، آئين ۽ وفاقيت بابت اڪيڊمڪ اڀياس عام نه هجڻ سبب خاص طرح وفاق بابت مفروضاتي ڳالھيون عام آھن ان ڪري تمام گهڻا ماڻھو وفاق کي قومپرستي جو مخالف نظام پڻ سڏيندا آھن جيڪا ڳالھه درست ناهي، اڄوڪي هن مختصر مضمون ۾ راقم ٿلهي ليکي وفاق کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ان سلسلي کي جاري رکندي ٻي ڪوشش ۾ پاڻ پاڪستان وفاقي ملڪ آھي يا نه ان تي ويچار ونڊينداسين.