روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نه ٿيڻ تي ڪاوڙ، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي چئن هفتن جي مهلت

0
253

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 50 هزار روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي، وفاق، نادرا ۽ ٻين کي وڌيڪ چئن هفتن جي مهلت ڏني وئي آهي

بلديا فيڪٽري سانحي جو جوابدار حماد صديقي گرفتار نه ٿيڻ واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ 50 هزار روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽس ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، آءِ جي سنڌ رفعت مختار سنڌ هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿيو

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، عدالت آءِ جي سنڌ کان سوال ڪيو ته 50 هزار روپوش جوابدارن مان پوليس ڪيترا گرفتار ڪيا آهن؟

آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته صوبي اندر 6 هزار 125 روپوش جوابدارن سميت 12 هزار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جسٽس امجد سهتو چيو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جاچ آفيسر جوابدارن جو نالو، ولديت ۽ ايڊريس نه ٿا لکن

 آءِ جي سنڌ چيو ته 50 هزار مان 13 هزار جوابدارن جي ولديت ۽ گهر جي ايڊريس درج نه ٿيل آهي، اها پوليس جي غفلت آهي، معاملا درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون

 جسٽس امجد سهتو چيو ته اهو سلسلو ته 1980 کان هلي رهيو آهي، توهان اچي ويا آهيو ته ڪجهه ڪري وڃو

 نادرا جي فوڪل پرسن عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه جوابدارن جي ڊيٽا غلط هئڻ سبب سندن سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نه ٿي سگهيا آهن، بلديا سانحي جي جوابدارن حماد صديقي، تقي حيدرشاهه ۽ خرم نثار جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن

 عدالت پاران اڳڀرائي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي وفاق جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ايف آءِ اي ڪجهه نه ڪندي توهان به ڪجهه نه ڪيو، توهان به وڃي رهو ۽ عدالت نه اچو

عدالت پاران چئن هفتن اندر صوبي جي سمورن روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ بينڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ جو ٻيهر حڪم ڏنو ويو

هي به پڙهندا

احمد بروهي قتل ڪيس، ڪهڙي قسم جو بيان ڏيو پيا: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايس پي هيڊڪوارٽر کي ڇنڊ