روھڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو ڀڙو واري علائقي ڳوٺ محمد يوسف انڙ ۾ پنجن ورهين جو معصوم ٻارڙو ياسين پٽ ديدار انڙ واھ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت واھه مان نينگر کي ڪڍي تعلقي اسپتال روهڙي آندو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، فوتي ٻارڙي جو لاش وارث گهر کڻائي پهتا ته عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.