روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو دبر ٿاڻي جي حد ڪلر ڳوٺ موڙ ڀرسان گھوٽڪيءَ کان روهڙي طرف موٽر سائيڪل تي ايندڙ سيد عطاءُ ﷲ شاھ، ۽ صدام حسين عرف امداد شاھ جو سامھون ايندڙ ڊاٽسن سان زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد دبر پوليس پھچي زخمين کي تعلقي اسپتال روھڙي پهچايو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٻنھي زخمين کي سکر سول ريفر ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي صدام عرف امداد شاھ فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.