اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معامرن بابت ڪاميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي عملدارن  چيو آھي ته عالمي پابندين کانسواءِ آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ سبب به ايران کان تيل نٿا وٺي سگھون، سستو تيل خريد ڪندڙ ڀارت، چين، جاپان آءِ ايم ايف کان قرض ناھن ورتا، پاڪ، ايران گئس پائيپ لائين تي ڪم شروع نه ٿيڻ جي برابر ٿيو آھي. ايران 18 ارب ڊالرز ڏنڊ ناھي گھريو، پر ايران ان رٿا تي عمل نه ڪرڻ سبب  پاڪستان کي فرانس جي عدالت ۾ وٺي وڃي سگھي ٿو، چيئرمين ڪاميٽي  پرڏيهي مامرن جي وزير  ۽ پرڏيهي مامرن جي  سيڪريٽري جي اڄ تائين ڪنھن به ڪاميٽي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پرڏيهي مامرن جي  سيڪريٽري  کي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي آھي. چيئرمين ڪاميٽي محسن داوڙ جي صدارت ھيٺ ٿيل قومي اسيمبلي جي پرڏيهي مامرن بابت ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وزارت منٽس تبديل ڪرڻ ۽ ميمبرن جي راءِ شامل نه ڪرڻ تي شديد ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو. چيئرمين ڪاميٽي واضع ڪيو ته پرڏيهي مامرن جو وزير ۽ سيڪريٽري  اڄ تائين اجلاس ۾ ناھن آيا، ايندڙ اجلاسن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري جي ھر صورت ۾ موجود ھجڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي ٻي صورت ۾ معامرو ايوان ۾ اٿاريو ويندو. ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا بريفنگ ۾ چيو ته ايران 60 واري ڏھاڪي ۾ منگلا ڊيم سميت ڪافي منصوبن ۾ مالي مدد فراھم ڪئي، ڪشمير مامري تي ھر دور ۾ کلي حمايت ڪئي، گڏيل لاڳاپن ۾ ھن وقت سڀ کان وڏي رڪاوٽ آئي پي گئس پائپ لائين جي عدم تڪميل آھي. ايران پنھنجي حصي جو ڪم ڪيو آھي اسان طرفان اڃا ڪم  شروع نه ٿيڻ برابر آھي. منصوبي کي 2015 ۾ فعال ٿيڻو ھيو، معاھدي مطابق ايران اسان کي فرانس ثالثي عدالت ۾ وٺي وڃي سگھي ٿو ۽ اسان کي ايران جي معاهدي جي عدم تڪميل سبب 18 ارب ڊالر ھرجاڻي جو خطرو موجود آھي. ايران ھن وقت تائين ڏنڊ جو مطالبو ناھي ڪيو، ڏنڊ تي ماھر مختلف اسٽيڊيز ڪري رھيا آھن،  زھرا ودود فاطمي چيو ته جنھن وقت معاھدو ڪيو ويو ان وقت ايران تي پابندي نه ھئي، جيڪڏھن پابندي ھئي ته ھي معاھدو ڇو ڪيو ويو. ڪاميٽي جي ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي مامرن جي  وزارت جي اختيارين چيو ته ڀارت، چين، جاپان ۽ ٻيا ملڪ ايران کان رعايتي تيل خريد ڪري رھيا آھن ڇو ته انھن ملڪن آءِ ايم ايف کان قرض ناھي ورتو، اسان جي ريفائنرين جو سعودي ارب ۽ يو اي اي سان معاھدو آھي ان ڪري به ايراني تيل خريداري ۾ مسئلا آھن، ايران کان تيل نه وٺڻ ھڪ حساس معامرو آھي، ان ۾ ڪجهه ملڪن جو نالو کڻڻو پوندو، جيڪي اِن ڪئمرا اجلاس ۾ کڻي سگھجن ٿا. ڀارت ايران کان تيل خريد ڪرڻ لاءِ الڳ بينڪ قائم ڪئي ، اسان به الڳ بينڪ جيڪو ريال ۾ ڪاروبار ڪري ٺاھڻ جي تجويز ڏني ھئي ان تي عمل نه ڪيو ويو. پاڪ، ايران  واپار ۾ گھٽتائي جو  وڏو  سبب بينڪنگ چيئنلز جو نه ھجڻ آھي. سال 2002 کان ايران کان مڪران ڊويزن جي لاءِ بجلي وٺي رھيا آھيون  بولان  100 ميگا واٽ بجلي امپورٽ ڪرڻ جي لاءِ 220 ڪي وي ٽرانسميشن لائن وڇايون پيا. ڪاميٽي ايران سان واپار لاءِ پوٽيشنل واري شين جي لسٽ، قيمت ۽ پاڪستان امڪاني فائدي بابت ڪاغذ به طلب ڪري ورتا آھن.