روس سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو

0
177
روس سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو
روس سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) روس يوڪرين تي حملي جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي قرارداد کي ويٽو ڪري ڇڏيو

پرڏيهي خابرو اداري موجب چين يوڪرين تي حملي جي مذمت لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، چين کان علاوه ڀارت ۽ گڏيل عرب امارات به حصو نه ورتو

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته روسي فوجين کي بيرڪن ڏانهن واپس وڃڻ جي ضرورت آهي، اسان کي همت نه هارڻ گهرجي ۽ امن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ گهرجي

ياد رهي ته روس 24 فيبروري جي صبح يوڪرين جي مختلف شهرن تي بمباري ڪئي ۽ اهو سلسلو اڄ ٽئين ڏينهن به جاري آهي، روسي حملي ۾ هينئر تائين 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن

روس يوڪرين جي فوجي ڍانچي ۽ فضائي دفاعي نظام کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته يوڪرين جي فوجي سربراهه به روسي فوجين کي ڪيف مان ڪڍڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

آمريڪا، برطانيا، ڪينيڊا، جرمني، فرانس ۽ ترڪي سميت ڪيترن ئي ملڪن روسي حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ فوجي ڪارروائي کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

 

ھي به پڙھندا

عمران خان اهڙو سياسي ڊرون حملو ڪندو جو اپوزيشن جي سياست تباهه ٿي ويندي: شيخ رشيد