ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار ديشا پٽاني انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪار رنبير ڪپور منهنجي پهرين محبت هو  اڃا به تمام گهڻو پسند آهي. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ديشا پٽاني چيو ته رنبير ڪپور منهنجو پهريون سليبرٽي ڪرش هو، پنهنجي اسڪول وارن ڏهاڙن ۾ رنبير جي سڀ کان وڏي مداح هئس. اداڪارا چيو ته اسڪول کان اسڪوٽر تي گهر ويندي رستي ۾ رنبير جا پوسٽر ڏسندي هئس، جنهن سبب ڪيئي دفعا ڀوائتن روڊ حادثن کان ذري گهٽ بچيس. هڪ سوال جي جواب ۾ ديشا چيو ته مون رنبير کي اهو ڪڏهن ناهي ٻڌايو، پر ارادو اٿم ته کيس ٻڌايان ته هو مونکي ڪيترو پسند آهي.