رعيت تي بجيٽ حملو!

0
15
رعيت تي بجيٽ حملو!

مالي سال 25-2024ع جي وفاقي بجيٽ جا تفصيل پڙهڻ وقت احتياط واجب آهي، ڇو ته گرمي تمام شديد آهي. عين ان وقت جڏهن هِي سِٽون لکي رهيو آهيان ته گهر جي ٻي ماڙ تي واقع منهنجي لائبريريءَ ۾ تپش عروج تي آهي. ڪُجهه دير اڳ مهانگائي ۽ هڪ ننڍڙي فراڊ کان متاثر ٿيل، منهنجي جيون ساٿياڻيءَ جي ڪاوڙ به 47 ڊگري سينٽي گريڊ تي هئي. اهو ته شڪر آهي جو اسان ان جي وڪڙ ۾ نه آياسين. اسان جي همزاد پير سيد فقير راحمون بخاري ملتاني پڇي رهيو آهي ته، ايڏي عاليشان ۽ ظالمان بجيٽ پيش ڪرڻ تي اُڌار تي آندل ناڻي واري وزير کي واڌايون ڏيڻيون آهن يا شهباز اسپيڊ کي؟ فقير راحمون جي ڪاوڙ جو سبب هڪ هجي ته ٻڌائجي. مهانگائيءَ چئن ڏهاڪن جي ساٿي “ڊَن هل” جي جاءِ تي آمريڪي برانڊ پائين سگريٽ جو پئڪيٽ وٺرائي ڇڏيو آهي، اهو به صرف ڪُجهه مهينن ۾ 140 رُپين کان 220 رُپين تائين پهچي ويو آهي. ڪُجهه ڏينهن اڳ فقير راحمون فيس بڪ تي پنهنجو سگريٽي ڏُک بيان ڪيو ته درجن سوا درجن دوستن پنهنجي پنهنجي سگريٽ برانڊز جا نالا وٺي چيو: “فقير راحمون! رب جو واسطو اٿئي، هِي برانڊ نه شروع ڪجان!”.

ڪتاب مهانگا ٿي رهيا آهن، ملتان جو ڀاڙو وڌي ويو آهي. فقير اڪثر ڪري مون کي چوندو آهي ته، “يار شاهه جي! ڪيڏا نه سُٺا زمانا هئا، ملتان کان لاهور جو ڀاڙو 5 رُپيا ۽ ڪراچي جو ڀاڙو 16 رُپيا هوندو هو ۽ هاڻي ته اهو 2300 رُپيا آهي، جيڪو ظلم آهي”.

ان جي ڪاوڙ جو سبب هڪ ٻيو به آهي، سو اهو ته فقير راهمون پنهنجي امڙ جي شهر ۾ جنهن هوٽل ۾ سالن کان رهندو آهي، ان جي مسواڙ به ڪُجهه سالن ۾ 2000 رُپين کان 4500 رُپيا ٿي وئي آهي. سگريٽ، ڪتاب، ملتان ياترا سڀ ڪُجهه ئي مهانگو ٿي ويو آهي، ماڻهو ڪري ته آخر ڇا ڪري؟

معاف ڪجو! بجيٽ تفصيلن تي لکڻ ويٺو هئس ته ڳالهيون ئي ٻيون ٿيڻ لڳيون، جنهن جو سبب گرمي، مهانگائي ۽ بجيٽ آهي. آئون ڪُجهه دير اڳ بصر 200 رُپيا ۽ ٽماٽا 150 رُپيا خريد ڪري آيو آهيان. پنجاب حڪومت جي طرفان مهانگائيءَ  ۾ 11 سيڪڙو گهٽتائيءَ واريون دعوائون اسان جي ڪالونيءَ ۾ داخل ٿيڻ بدران شايد گرميءَ جي ڪري واهه ۾ وهنجڻ لاءِ ٽُٻيون هڻڻ لاءِ هليون ويون آهن!

خير اسان اصل موضوع تي اچون ٿا. اسان جو هڪ مهربان آهي سرفراز صاحب، جنهن ڊفيس پينشن تي لکيل پوسٽ تي سوال ڪيو ته ڪُجهه سال اڳ توهان دعوائون ڪندا هئا ته، دفاعي بجيٽ ڪُل بجيٽ جو 70 سيڪڙو هوندي آهي، هاڻي ڇو نٿا ڳالهايو؟ ٻيلي پَت ڪريو، مون ڪڏهن به 70 سيڪڙو دفاعي بجيٽ جي ڳالهه ناهي ڪئي، آئون ته هميشه اهو چوندو آهيان ته، ڏيهي ۽ پرڏيهي قرضن جون قسطون ۽ وياج سميت مجموعي ڊفينس بجيٽ، ڊفينس پينشن ملائي بجيٽ جو وڏو حصو کائي ويندا آهن. مجموعي دفاعي بجيٽ ۾ ظاهر آهي ته، ايٽمي پروگرام ۽ ميزائيل پروگرام جا خرچ شامل ناهن ۽ ٻن ڏهاڪن کان دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ جا خرچ به شامل ناهن. توهان ڏسو ته سول انتظاميا لاءِ آئينده مالي سال جي بجيٽ ۾ 839 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي ۽ ڊفينس پينشن 662 ارب رپيا آهي. آئون جيئن ته هاڻي پيرسن ٿي ويو آهيان، ان ڪري مخلتف دفاعي ۽ جاسوسي مدن ۾ “انڊر دي ٽيبل” ڏنل سالياني رقم جي حساب کان ئي ڀڄندو آهيان. جوانيءَ ۾ ته ڪالم يا ايڊيٽوريل ۾ تفصيل لکي ڇڏيندو هئس. خير جواني ديواني هوندي آهي. تڏهن توهان جبلن سان به ٽڪرائجي ويندا آهيو پر پيرسنيءَ ۾ لَٺ جي سهاري تي هلندڙ ماڻهوءَ تي احتياط واجب آهي.

بهرحال خواتين ۽ حضرات! 18877 ارب رپين جي بجيٽ جو مجموعي خسارو 8500 ارب رپيا آهي. دفاعي بجيٽ 2122 ارب رپيا آهي، ان ۾ 662 ارب رپين جي دفاعي پينشن شامل ناهي، نه ئي دهشتگرديءَ خلاف هلندڙ جنگ جا خرچ شامل آهن. اڀاڳي پگهاردار طبقي تي صرف 75 ارب رپين جي نون ٽيڪسن (اَضافو ٿيل چئي سگهجي ٿو) جو بار لڏيو ويو آهي. فقير راحمون جو جگرم مارڪه دوست مدثر ڀارا چوي ٿو ته، “سورهين گريڊ کان مٿي جي ملازمن سان جيڪو سلوڪ حڪومت ڪيو آهي، اهڙو ورتاءُ ته فرعون صاحب به مصر جي عوام سان نه ڪندا هئا”.

هلو اڳتي وڌون ٿا. نيوز پرنٽ سميت ڪاغذ جي سمورن برانڊز تي ٽيڪس جي شرح وڌائي وئي آهي. مون کي حيراني ٿي ته، نيشنل ميڊيا جا مالڪ نيوز پرنٽ مهانگو ٿيڻ تي گوڙ ڪري رهيا آهن. حالانڪه اهي ان حد تائين ظالم آهن جو هڪ طرف ملازمن کي ويج بورڊ ايوارڊ مطابق پگهارون نٿا ڏين ته ٻئي طرف ڪُجهه پرنٽنگ اسٽيشنن تي ڇهن صفحن جي اخبار ٽيهن رُپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن، جيڪا اخباري صفحن جي طئي ٿيل قيمت جي ڀڃڪڙي آهي.

وفاقي بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار رُپيا رکي وئي آهي. اڳتي وڌڻ کان اڳ ۾ حڪومت کي اهو چئلينج آهي ته، هر قسم جي نجي ادارن، اخبارن ۽ رسالن کي ته کڻي ڇڏي ڏيو. ان تي رڳو سرڪاري کاتن ۾ ته عمل ڪري ڏيکاري!

نان فائيلرز جي لاءِ دُنيا تنگ ڪندڙ هن بجيٽ جي مُنشين کان ڪير پُڇي ته، سراسري 15 هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙ شخص به ماچيس، اٽي، دالين، دٻي جي کير تي ٽيڪس ڏيندو آهي. بجليءَ جي بلن ۾ ٽيڪس جي نالي تي ڀتو ورتو ويندو آهي. ٽيليفون ۽ سوئي گئس جي بلن ۾ به ٽيڪس شامل آهن. يوٽيلٽي بل ادا ڪندڙ واهپيدار (شهري) کي اڃان ڪيترو ڪُهڻو آهي ۽ ان کي ٽيڪس چور چئي چٿر ڪرڻي آهي؟

آمريڪي اڳ ئي فقير راحمون کي ويزا نه ڏيندا هئا ۽ هاڻي ته خيرن سان نان فائيلر جي پرڏيهي سفر تي پابندي لڳائي وئي آهي. فقير راهمون هڪ انقلابي صلاح ڏني آهي. هُو چئي رهيو آهي ته، “حڪومت  ملڪ جي سمورن نان فائلرز کي ٿل جي رڻ پٽ يا چولستان ۾ گڏ ڪري انهن تي ايٽم بم هڻي ڇڏجي. اهڙي ريت هڪ ته ايٽم بم جي ٽيسٽ ٿي ويندي ۽ آباديءَ ۾ پڻ گهٽتائي اچي ويندي. معيشت تي بوجهه بڻيل نان فائيلرز جو اهو ئي علاج آهي”.

خزاني ۽ ملڪ جون حالتون جيتريون خراب آهن، مون کي ڊپ آهي ته حڪومت فقير راحمون جو اهو قيمتي مشورو مڃي نه وٺي. هائبرڊ ۽ اليڪٽرانڪ گاڏيون، موبائيل فون ته مهانگا ٿيندا ئي پر هي دوائون، کنڊ، کير کان سواءِ زرعي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي ٽريڪٽر مهانگا ڪرڻ جي حڪومت کي صلاح ڪهڙي نڀاڳي ڏني هئي؟

بجلي، گئس ۽ ٻين شعبن لاءِ سبسڊي جي رقم 1363 ارب رُپيا آهي. پيٽروليم مصنوعات تي 20 رُپيا في ليٽر ليوي وڌائڻ جي تجويز آهي. سگريٽ دُشمن حڪومت اسمگل ٿيل سگريٽ وڪڻڻ تي ڪاروبار سِيل ڪرڻ ۽ سزا ۽ ڏنڊ جي تجويز پڻ ڏني آهي. اهو هڪ طرح سان اسان جي همزاد پير فقير راحمون تي کُليو حملو آهي چاچي فورمين جي حڪومت جو.

ٻه واڌو ٻه جي حساب سان هِيءَ بجيٽ قاتل بجيٽ آهي. نرم کان نرم لفظن ۾ ان کي رعيت تي خودڪش حملو چئي سگهجي ٿو. صحافين کي مکڻ لڳائڻ جي پروگرام تحت پنج هزار صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي هيلٿ انشورنس ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهي صحافي آسمان تان لٿل ڪا مخلوق آهن ڇا؟. ڪڏهن انهن کي ڪالونيون ٺاهي ٿيون ڏجن ۽ ڪڏهن مراعات. صحافين سان ايتري ئي همدردي آهي ته، سرڪاري اشتهارن کي ويج بورڊ ايوارڊ سان ڳنڍيو وڃي. جيڪي ادارا گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا ويج بورڊ مطابق پگهارون نه ڏين، انهن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو وڃي.

هڪ دفعو ٻيهر وري گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي حوالي سان عرض ڪريان ته ان تي عمل ناهي ٿيندو. آخر ڇو؟ ان جو سبب آئون ۽ توهان سڀ ڄاڻون ٿا. مالڪان ضرورت مند ماڻهن جي مجبورين مان فائدو وٺندا آهن. ڪُجهه زنده مثالن مان هڪ مثال هِي ليکڪ پاڻ آهي. ڪم ڪرڻ تي ان ڪري مجبور آهيان جو زنده انسان آهيان. ضرورتون آهن. خير ان ذاتي ڏُک کي هڪڙي پاسي رکان ٿو. عرض ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته، ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ پينشن ۽ پگهارن ۾ ٿيل واڌ پساهه پورا ڪندڙ قوتِ خريد کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ان ڪري نه ڏيندي جو مهانگائيءَ جي مقابلي ۾ اهو اضافو 80 سيڪڙو گهٽ آهي.

پڇاڙڪا لفظ اهي آهن ته، بجيٽ خودڪش حملي جا نتيجا چڱا نه نڪرندا. حڪومت لاءِ سياسي مشڪلاتون وڌنديون. رعيت جي ڳاٽي تي پڪڙ وڌيڪ سخت ٿيندي. اسان به ڏسنداسين ته، ڪيترا سخت جان ايندڙ بجيٽ تائين بچي ٿا وڃن!