هڱورجا (ن پ ا) رسول آباد ڀرسان زرعي زمين جي مالڪيءَ تان چنا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي. تفصيل موجب هڱورجا ٿاڻي جي حد رسول آباد لڳ ڳوٺ موٿپارجا ۾ چنا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زرعي زمين جي پراڻي تڪرار تان جيهڙو ٿي پيو. ان دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو حبدار علي چنو مارجي ويو، جڏهن ته عمران، محرم ۽ محمد حسن چنو زخمي ٿي پيا، جن  کي هڱورجا جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي. فوتيءَ جو لاش هڱورجا اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾مقتول حبدار چنو جي ڀاءُ محرم چنا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي. جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ايس ايچ او ھڱورجا جو ان سلسلي ۾ چوڻ هو ته جوابدار گهر ڇڏي هليا ويا آھن، سندن گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.