رستم آف سنڌ جو لقب ماڻيندڙ سيد يار محمد شاهه لاڏاڻو ڪري ويو

0
178
رستم آف سنڌ جو لقب

ٽنڊو ڄام  (ن پ ا) سنڌ جو زوراور ۽ رستم آف سنڌ جو لقب ماڻيندڙ سيد يار محمد شاهه 80 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻ ڪري ويو آهي

سيد يار محمد شاھ ٽنڊو ڄام جي بخاري پاڙي ۾ پنهنجي گهر ۾ وفات ڪري ويو، يار محمد شاھ 1940ع ۾ ٽنڊو ڄام جي بخاري پاڙي ۾ جنم ورتو هو

سيد يار محمد شاھ شگر جي بيماري سبب ڪيترائي سالن کان بيمار هو، ثقافت کاتي سميت ڪنهن به سندس سار نه لڌي، يار محمد شاهه کي پنهنجي فن سان عشق هجڻ ڪري هن سڄي حياتي شادي نه ڪئي، ٽن ڏينهن کان گهڻي طبعيت خراب هجڻ سبب کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو هو