گڊو (رپورٽ: محمد علي ڪلوڙ) گڊو ويجھو  پنجاب جي علائقي رحيم يار خان ڪوٽ سمابا لڳ انڊس هاءِ وي تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڪار وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ھڪ ئي گھر جا عورت سميت 4 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، فوت ٿيلن ۾ پرويز احمد، اقبال احمد، مقبول احمد ۽ ھڪ نامعلوم عورت شامل آھي. جڏھن ته 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي حد جي پوليس پھچي فوت ٿيلن ۽ زخمين کي ريسڪيو 1122 ايمبولينس سروس ذريعي شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو، ضروري ڪارروائي بعد فوت ٿيلن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جن جو تعلق بستي جمال ضلعي رحيم يار خان سان ٻڌايو پيو وڃي.