رتيءَ جي رهاڻ

0
235
ميڊيا ۽ اظهار جي آزادي آڏو رڪاوٽون جٽاءُ ڪري سگهنديون؟

    سراج ميمڻ صاحب جو تعارف منهنجي لاءِ ڪڏهن به اجنبي تعارف نه رهيو آهي، ان جو مکيه سبب هي آهي، جو منهنجو والد ڪامريڊ هادي بخش نه صرف هڪ جينئس سياسي ڪارڪن هو پر شايد ڪو اهڙو ڏينهن خالي گذريو هجي، جنهن ڏينهن منهنجي والد صاحب اخبار يا ڪو ڪتاب نه پڙهيو هجي. هُو روزانو اخبار ۽ ڪتاب نه صرف پاڻ پڙهندو هو، پر ڪي اهم واقعا يا ڳالهيون اسان گهروارن کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ وري اها اخبار يا ڪتاب کڻي هوٽل تي مختلف دوستن ۽ ڳوٺاڻن کي پڻ پڙهي ٻڌائيندو هو. تنهن ڪري ٿوري گهڻي وقفي سان سراج صاحب جو اڪثر ذڪر اچي ويندو هو. گذريل ڪجهه ڏينهن کان سراج صاحب جا ڪجهه ڪتاب پڙهي رهيو آهيان. اصل ۾ اهي ڪتاب گهڻي قدر ڪالمن تي مشتمل آهن، جيڪي ڪالم سراج صاحب مخلتف وقتن تي لکيا هئا. سراج صاحب جا جيڪي سياسي ڪالم آهن، تن جي تجزئي يا تبصري سان مون سميت ڪيترا پڙهندڙ اختلاف ڪري سگهن ٿا، پر ان ۾ جيڪي تاريخي ڳالهيون ۽ واقعا بيان ڪيل آهن، تن جي ان وقت به تمام گهڻي اهميت هئي ۽ هن وقت به تمام گهڻي اهميت آهي. تنهن ڪري اڄوڪي صحبت ۾ هڪ دفعو ٻيهر اهي تاريخي واقعا لکي انهن تي مختصر تجزيو پڻ ڪيون ٿا.

اسان وٽ عام تاثر اهو آهي ته ورهاڱي وقت جڏهن ڪراچي کي پاڪستان جي گادي جو هنڌ ٺاهيو ويو هو، ته سنڌ مان ڪنهن به ماڻهو ان جي مخالفت نه ڪئي هئي. پر سراج صاحب جيڪو پاڻ ان دور جو هڪ عيني شاهد آهي، اهو لکي ٿو ته ايئن ناهي. سنڌ جي صحافين، ليکڪن، اديبن، قلمڪارن، شاعرن ۽ ٻين ماڻهن ان عمل خلاف سخت مزاحمت ڪئي ۽ مسلسل لکندا رهيا، ان حوالي سان سراج صاحب لکن ٿا ته، “آءُ ان وقت بنهه ننڍو هوس، اسڪول ۾ پڙهندو هوس، مون کي ياد آهي ته ڪراچيءَ کي جدا ڪرڻ تي ڪو، هڪڙو به سنڌي اهڙو ڪونه هو، جنهن کي اندر ۾ وڍ نه پيا هجن. ان وقت جون اخبارون پڙهڻ وٽان آهن. 1947ع کان 1952ع تائين سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ روزانو احتجاج ۽ بغاوت جا شعر ۽ مضمون ڇپجندا رهيا! مولوي دين محمد وفائي مرحوم الوحيد (اخبار) ۾ اهڙا ايڊيٽوريل لکيا، جيڪي هڪ مظلوم قوم جي دل جي دانهن کي عرش عظيم تي پهچائيندا رهيا.” ڪتاب “رتيءَ جي رهاڻ” ص 57

جنهن وقت انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو هو، تنهن وقت پوري سنڌ ۾ ڪيترا علمي ۽ تعليمي ادارا هئا، تنهن جو هڪ اندازو صرف ٺٽي شهر جي تعليمي ادارن جي تعداد مان لڳائي سگهجي ٿو، تنهن حوالي سان سراج صاحب لکن ٿا ته،“هيءُ سنڌ، انهن هيرن جي کاڻ، انگريزن جي اچڻ تائين علم جو مرڪز رهي…هڪ طرف ٺٽي ۾ هئملٽن جي اچڻ ۽ چوڻ موجب چار سئو ڪاليج يا مدرسا هئا.” ڪتاب “رتيءَ جي رهاڻ” ص 40،39

پر پوءِ انگريزن ڪهڙي طرح وڏي حڪمت عملي سان انهن علمي درسگاهن کي بند ڪرڻ ۽ ان سان گڏ سنڌي عوام کي علم کان پري رکڻ لاءِ ڪهڙا علم دشمن عمل ڪيا، تنهن حوالي سان سراج صاحب لکن ٿا ته،“عام طرح چيو ويندو آهي ته انگريزن ٻين سمورين ڪالونين ۾ هڪ وڏو انساني ڪارنامو انجام ڏنو آهي ته هنن جديد تعليم جو نظام رائج ڪيو…پر سنڌ ۾ رچرڊ برٽن، سر جان جيڪب ۽ ٻين جي سوانح عمرين کي پڙهي اهو اندازو ٿو ٿئي ته هنن پهرين صلاح جيڪا انهن مرشد ۽ جاگيردارن کي ڏني، سا اها ته ڀلائي ڪري هارين نارين جي اولاد کي تعليم نه ڏيارجو ۽ جيڪو تعليم ڏياري، ان کي مريديءَ مان خارج، بلڪه اسلام کان خارج ٿيڻ جو طعنو ڏجو!” ڪتاب “سياسي منظرنامو” ص 116

جڏهن سنڌ جي هڪ عظيم پُٽ نور محمد وڪيل صاحب “نور محمد اسڪول” قائم ڪيو ته هن کي انگريز ڪمشنر گهرائي ڇا چيو ۽ ڪهڙي قسم جون خطرناڪ ڌمڪيون ڏنيون، تنهن حوالي سان سراج صاحب لکن ٿا ته، “مرحوم نور محمد، جنهن حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول قائم ڪيو، تنهن کي انگريز ڪمشنر سڏائي ڇنڍ ڪڍي ته ’تو پارليامينٽ کي خط لکي اسڪول کولڻ جي درخواست ڪئي آهي، سو آئون اسڪول کي روڪي نٿو سگهان، پر توتي سنڌ جي سمورن مرشدن ۽ زميندارن کانسواءِ سمورن مفتين ۽ مولوين کان اهي بيان ڏياربا ته هي ڏسو، ميان نور محمد، مسلمان ٻارن کي کارڻ لاءِ مدرسن منجهان ڪرستان استادن کي سڏائي، مسلمانن جي عقيدي سان هٿ چراند ڪرڻ ٿو گهري!‘… پر اهي سڀ پوءِ جون ڳالهيون آهن. سنڌ ۾ تعليم کي رائج نه ٿيڻ ڏيڻ ۾ وڏو هٿ انهن مرشدن جو هو، جيڪي صوفي بزرگن جو اولاد هئا.” ڪتاب، “سياسي منظرنامو.” 117،116.

ننڍي کنڊ ۾ عام طرح ۽ سنڌ ۾ خاص طرح “مسجد منزل گاهه” جي واقعي جي پويان ڪنهن جا هٿ هئا؟ ۽ ان ۾ جيڪو هندن ۽ مسلمانن جو قتلام ٿيو پئي، ٻنهي ڌرين کي اهي پگهاردار قاتل ڪنهن جي طرفان موڪليا پئي ويا؟ ان حوالي سان سراج صاحب لکن ٿا ته، “عجيب ڳالهه اها هئي ته ان مامري (مسجد منزل گاهه) ۾ جن مسلمانن هندن کي ۽ هندن مسلمانن کي ڇري ڪاتيون هڻي ذبح ٿي ڪيو، تن مان ’سنڌي‘ ڪوبه ڪونه هو، ٻنهي ڌرين جا قاتل ٻاهر کان آندل پگهاردار (Mercenaries) هئا! اها ڳالهه سائين جي ايم سيد به مڃي ٿو ۽ اها ڳالهه مرحوم علي محمد راشدي صاحب به ذاتي محفلن ۾ مون جهڙن گهنگارن سان مڃيندو رهيو ۽ اها ڳالهه سنڌي هندن جي ڪٽر ماڻهن منگهارام ۽ آڏواڻيءَ (ايل ڪي آڏواڻي) رڪارڊ تي آڻي ڇڏي آهي! ان هندو مسلم تضاد کي اُڀارڻ ۽ کين جنگ و جدل تي اُڀارڻ لاءِ انگريز کي ڪهڙو فائدو مليو، ان لاءِ هاڊسن (Hodson) جي انگريز راڄ تي لکيل ڪتاب مان ڏاڍيون عجيب  غريب ڳالهيون ٿيون معلوم ٿين! انگريزن پنهنجي راڄ کي ڀرجهلو ڏيڻ لاءِ ڪيترا قتلام ڪرايا، جن لاءِ شرمساريءَ جا ڪيترا داستان هاڻ شايع ٿي چڪا آهن!” ڪتاب، “سياسي منظرنامو” ص 137،136.

ان سان گڏ اسان جي قابل عزت ۽ مانائتي ليکڪه نورالهديٰ شاهه پاران لکيل ڊرامي “مارُئي يا ماروي” جيڪو تنهن وقت پي ٽي وي تي هليو هو، تنهن ۾ ڪهڙيون بنيادي کوٽون ۽ خاميون هيون؟ تنهن تي تنقيد ڪندي هو لکي ٿو ته، “تازو ٽي وي (پي ٽي وي) تي اردوءَ ۾ اسان جي هڪ نهايت قابل ۽ حساس ڪهاڻيڪار نورالهديٰ شاهه جو لکيل ڊرامو، “ماروي” پيش ڪيو ويو. هن ٽي وي لاءِ گهڻائي ناٽڪ لکيا آهن. سنڌيءَ ۾ به ۽ اردوءَ ۾. البته هن کي مشهوري اردوءَ ۾ لکيل ۽ پيش ڪيل ڊرامن جي ڪري ملي آهي. آءُ گهڻو ڪري اردو ناٽڪ ۽ ڊراما ڪونه ڏسندو آهيان يا نه ڏسي سگهندو آهيان. ان ۾ ڏوهه يقينن منهنجو ئي آهي. آءُ هڪ محڪوم قوم جو ماڻهو آهيان، جيڪو محڪوم ٻولي ڳالهائي ۽ لکي ٿو… خير ڳالهه پئي ڪيم اردو ناٽڪ “ماروي” جي، جنهن جي حاڪم ٻوليءَ جي اخبارن ۽ سندن مبصرن ڏاڍي تعريف ڪئي آهي. هر هنڌ اهو ذڪر ٿيندو آهي… ان ڊرامي ۾ ڪن اداڪارن، اداڪاري واقعي ڏاڍي سٺي ڪئي. ان جي ڪردارن کي ۽ ان جي منظرن کي جديد زماني جي پوشاڪ پهرائي پيش ڪيو ويو ۽ حاڪم ٻوليءِ ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي هن عظيم منظرنامي کي وطن دوستيءَ ۽ حب الوطنيءَ جي اصل استعاري بدران سنڌي معاشري جي هڪ ويڻ، هڪ مهڻي، هڪ طعني جو استعارو ڏنو ويو ته ڏسو،

سنڌ جو وڏيرو سنڌ ۾ ڇا ڇا نٿو ڪري ۽ ايڪهين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ جي مرحلي ۾ به سنڌ اجهو هيءَ آهي! حب الوطنيءَ جو اصل استعارو محمود صديقيءَ ۽ ٻين جي غلط لهجي ۾ انگريزي ڳالهائڻ ۾ دفن ٿي ويو! آءُ پنهنجي نهايت پيارن ڀينرن سلطانه صديقيءَ ۽ نورالهديٰ شاهه کان هٿ ادب جا ٻڌي رڳو اها گذارش ڪرڻ ٿو گهران ته سنڌ جي جاگيرداري ڪوڙهه کي “ماروي” جو نالو نه ڏين، “ماروي” جو نالو اصل “مارئي” جو رڳو لفظي بگاڙ ڪونهي، ان اسان جي اصل ادراڪ ۽ احساس جي حوالن ۽ استعارن کي بگاڙيو آهي. حب الوطنيءَ جي لطافتن کي خسيس انساني حرڪتن ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي. ڀٽ ڌڻيءَ جي مارئيءَ کي ايئن ته نه لوئيو ها!!.“ ڪتاب “رتيءَ جي رهاڻ” ص 163.

هڪڙي نامور صحافي ظفر عباس تي ڪراچي جي هڪڙي فاشسٽ جماعت ايم ڪيو ايم ڪهڙي طرح وحشياڻو تشدد ڪيو هو، تنهن حوالي سان سراج صاحب لکن ٿا ته،“پر ڪالهه اسان ڏٺو، ٻڌو ۽ پڙهيو ته ست اٺ جوان مڙس، هڪ صحافي ظفر عباس جي فليٽ ۾ داخل ٿيا. عباس جو ڏوهه رڳو ايترو هو جو هن هڪ فاشي تحريڪ ۽ تنظيم بابت ماهوار “هيرالڊ” ۾ سچ لکيو هو ۽ پوءِ هنن هن نوجوان، بي ضرر، سچ ڳالهائيندڙ صحافيءَ کي مارڻ شروع ڪيو. مارڻ جا به ڪي درجا ٿيندا آهن، ڪي حدون ٿينديون آهن، ڪي سرحدون ٿينديون آهن، ڪي انتهائون ٿينديون آهن، هن کي مارڻ واري منظر کي هڪ ماءُ، هڪ گرڀ ورتيءَ، هڪ ڀريل مهينن پيٽ سان مائيءَ ڏٺو، ۽ اهو منظر ايڏو چيچلائيندڙ هو، ايڏو ڀيانڪ هو، ايڏو غير انساني هو، جو هن جي گرڀ ۾ زلزلو اُٿيو، ڪو جوالا مکي ڦاٽي پيو ۽ رتُ هن جي سٿرن تان وهندو، هن جي پيرن ۾ گڏ ٿيڻ لڳو ۽ هڪ ٻالڪ جو لوٿڙو اچي هن جي پيرن ۾ ڪريو! ۽ هن هڪ دٻيل دانهن ڪئي، “الله جي واسطي، رحم ڪريو، انسان ٿيو”. ان ماءُ جي پيرن ۾ ڪريل ٻالڪ، ان ضايع ٿيل گرڀ جو ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي. اوهان مان ڪو اهڙو ترجمو ڪري سگهندو يا اوهان جي اکين جي لڙڪن به مون وانگر، اوهان جي ذهن تي ڪلف چاڙهي ڇڏيا آهن؟!” “رتيءَ جي رهاڻ” ص 85

[email protected]