راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور ڀرسان شاھ جي مشين ڀرسان نيشنل هاءِ وي تان روڊ ڪراس ڪندڙ نوجوان، مسافر بس جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو. تفصيل موجب راڻيپور ڀرسان شاھ جي مشين لڳ قومي شاھراهه تي تيز رفتار مسافر بس روڊ ڪراس ڪندڙ نوجوان مختيار ولد علي نواز سولنگي کي ٽڪر هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. ڄاڻايل نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ راڻيپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.