راڻيپور: شاگردياڻي کي مبينا اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، 3 شاگرد زخمي، ڌرڻو

0
460

راڻيپور(ن پ ا)  شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي پوائنٽ مان شاگردياڻي کي مبينا اغوا جي ڪوشش دوران 3 شاگرد زخمي ٿي پيا، جنهن بعد شاگردن جو ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو

يونيورسٽي جي پوائنٽ بس مان شاگردياڻي خوشبو ڀٽي کي اغوا جي ڪوشش تي شاگردن مزاحمت ڪئي، جنهن ۾ شاگرد مهتاب عامر، صفدر ۽ ڪليم الله زخمي ٿي پيا

راڻيپور ٿاڻي تي خوشبو ڀٽي جي فرياد تي صدام وساڻ ۽ پندرنهن اڻڄاتل ماڻهن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قومي شاهراهه تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هنيو ويو آهي

ھي به پڙھندا