راڄوخاناڻي(ن پ ا) راجوخاناڻي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ سارين جي تيار ۽ پڪل فصل کي نئين قسم جي مرض “ھاپر “تباھي مچائي ڇڏي، شهر ۽ آس پاس جي مختلف علائقن ٻھرو صاحب لغاري، حنيف نظاماڻي، حيدر ٻرڳڙي، مھتاب علي شاه، ۽ ڳوٺ يوسف ٿيٻو سميت ٻين ڪافي علائقن جي زمينن تي سارين جي پچي تيار ٿيڻ واري مرحلي تي فصل کي ھڪڙي عجيب ۽ نئين قسم جو مرض لڳڻ شروع ٿي ويو آهي جيڪو فصل کي تباھ پيو ڪري، بيماري جي سڄاڻپ پڻ مشڪل بڻجي ويئي آهي. آبادگار مير اياز ٽالپر ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي سارين جو تيار ٿيل فصل جيڪو مڪمل پڪل ۽ تياري جي عمل جي آخري حد تي آھي انھي کي ھڪ اھڙي قسم جو مرض لڳي ويو آهي جنهنڪري ساريون ھيٺ زمين تي ڪري پون ٿيون ۽ زمين بوز ٿيڻ سان ائين ٿو ٿئي جو ساريون مڪمل سڙيل لڳينديون آھن. پر ڪير انھي مرض جو علاج ڏسڻ جي لاءِ تيار ناھي ڇاڪاڻ جو صحيح معني ۾ اڃان انھي مرض جي ڪا خبر نه پئجي سگهي آهي. شيرمحمد نظاماڻي ٻڌايو ته انھي مرض بيماري کي “ھاپر“ چيو وڃي ٿو ۽ ھن مرض لڳڻ سان ساريون بني ۾ بيٺي بيٺي سڪي ڄڻ سڙي زمين بوز ٿئي ختم ٿي وجن ٿيون ۽ ھاڻي اھو مرض بيماري ھاپر تيزي سان پکڙجي تيار/ پڪل سارين تي حملا ڪري تباھي ۽ بربادي مچائي رهيو آهي جنهن سان آبادگارن کي لکين ڪروڙين رپين جو نقصان پھچڻ جو انديشو آهي. بيماري خلاف تڪڙا اپاءُ وٺي انھي مرض بيماري خلاف جديد بنيادن تي جانچ پڙتال ڪري حل ڳولھي آبادگارن، ھارين ۽ زميندارن کي نقصان کان بچايو وڃي.