ڪراچي(م ڊ) راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان ٿيندڙ تيز برساتن جو پاڻي اسپتال ۽ گھرن ۾ داخل ٿي ويو.

برسات جو پاڻي ٽيپو روڊ ، مسلم ڪالوني ، صادق آباد ، لياقت باغ ۽ ڪميٽي چوڪ ۽ ٻين علائقن ۾ جمع ٿي ويو، جڏهن ته برسات جو پاڻي ڪيترن ئي علائقن ۾ گهرن ۾ ڀ به داخل ٿي ويو آهي.

شهر ۾ تيز برساتن سبب پاڻي پڻ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ داخل ٿي ويو، وارڊن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب مريضن ۽ سندن مائٽن کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ايم ڊي واسا موجب، نالا لئي ۾ ڪٽاريان وٽ پاڻي جي سطح 6 فوٽ ۽ گوالمنڊي جي جڳهه تي 4 فوٽ آهي.

هن چيو ته واسا جون ٽيمون مختلف علائقن ۾ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ موجود آهن جڏهن ته هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ عملو پڻ موجود آهي

ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور تي پاڻي نيڪال لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن،آفيسرز ٻاهر نڪرن ۽ ڊرينيج جي ڪم جي پاڻ نگراني ڪن.

جڏهن ته اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ گذريل رات کان هلڪي ۽ تيز برسات جو به سلسلو جاري آهي، جنهن کانپوءِ شهر ۾ گرمي جوزور ٽٽي ويو.