راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي ۾ 2 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جو انڪشاف

0
207

راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي ۾ 2 ارب رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آھي، راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي ۾ 2 ارب 6 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي

انڪشاف ڪيو ويو آهي ته راولپنڊي رنگ روڊ منصوبي جي ٻن لوپز راولپنڊي ۽ اٽڪ ۾ قومي ناڻي کي اربين روپين جو نقصان پهچايو ويو آهي

اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته اٽڪ رنگ روڊ منصوبي جو حصو نه هو، پر اڳوڻي ڪمشنر محمد محمود ميمبر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊاڪٽر فرخ نويد سان گڏجي 2 ارب 30 ڪروڙ رپيا خانگي ڪمپنين کي زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنا

اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب اڳوڻي ڪمشنر محمد محمود، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر وسيم تابش ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالله کي گرفتار ڪري ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، سيڪريٽري کي خط لکيو ويو آهي

ان حوالي سان ڊي جي اينٽي ڪرپشن گوهر نفيس ٻڌايو ته جوابدارن 2020 ۾ راولپنڊي ۽ اٽڪ ۾ رنگ روڊ لاءِ غير قانوني طور زمين خريد ڪئي، 2021 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ٽنهي جوابدارن خلاف جاچ مڪمل ڪرڻ بعد چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو