نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي سڃاڻپ سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪٿي گم ٿي وئي هئي پر هاڻ هوءَ هڪ ڀيرو وري نئين عزم، هڪ نئين سڃاڻپ سان ميدان ۾ نظر ايندي. آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ٿيل سال جي پهرين وڏي مقابلي آسٽريلين اوپن 2024ع ۾ اڳوڻي ٽينس اسٽار ڪامينٽيٽر طور واپسي ڪئي. ثانيا مرزا جو نجي ٽي وي چئنل لاءِ پنهنجي نئين ڪردار بابت چيو ته اِهو تبصرو کيس ان راند( ٽينس ) سان گڏ رهڻ ۾ مدد ڪندو ڇو ته اِها راند سندس زندگي آهي.