اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو مامرن جي وفاقي وزير رانا ثناءُ الله جو آرمز فورس انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي راولپنڊي ۾ گذريل 3 ڏينهن کان علاج هلندڙ آهي، رانا ثناءُ الله کي 11 نومبر تي دل جي تڪليف سبب ڄاڻايل اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، ذريعن مطابق رانا ثناءُ الله بدستور ان اسپتال ۾ داخل آهي، سندس علاج ۽ طبي معائنو هلندڙ آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته رانا ثناءُ الله اڄ اسپتال مان ڊسچارج ٿي گهر منتقل ٿي ويندو.