راج ڪمار رائو پترا ريکا سان شادي ڪري ڇڏي

0
205
راج ڪمار رائو پترا ريکا

ممبئي(شوبز نيوز) اداڪار راج ڪمار اداڪارا رائو پترا ريکا سان شادي ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب بالي ووڊ اداڪار راج ڪمار ۽ سندس گرل فرينڊ اداڪارا پترا ريکا جي شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، شادي جي تقريب چندي ڳڙهه جي مهانگي ترين ولا ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سندن عزيزن ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي

راج ڪمار پنهنجي شادي جون تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون، تصويرون وائرل ٿيڻ بعد شوبز شخصيتن پاران راج ڪمار ۽ پترا ريکا کي مبارڪون ڏنيون پيون وڃن. واضح رهي ته راج ڪمار رائو ۽ پترا ريکا جي محبت جا چرچا ڀارتي ميڊيا تي ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ هئا جڏهن ته جوڙو اڪثر هنڌن تي گڏ ڏٺو ويندو هو.