رائونتي (ن پ ا) موري جو رهواسي 40 سال جو شرف الدين ڏهر مبينا طور عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيڻ لاءِ وڃي رهيو هو، رائونتي پوليس کيس اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.اغوا کان بچي ويل جو چوڻ هو ته ڪافي عرصي کان هڪ عورت سان فون تي رابطو هو، جنهن سان ملڻ لاءِ نوشهروفيروز جي ڳوٺ صاحب خان ڏهر ڏيپارجا کان ان سان ملڻ لاءِ ويس، ڇوڪري مونکي چيو ته منهنجو ماڻهو اوهان کي وٺڻ لاءِ ايندو اوهان مريد شاخ لهجو، جڏهن آئون مريدشاخ پهتس پوءِ اتان مونکي هڪڙو نوجوان وٺڻ لاءِ آيو پوءِ آئون انهن سان گڏجي ھليو ويس، رائونتي جي فون لانڍي جي انچارج جو چوڻ هو ته ڳجهي اطلاع تي ٽيڪنالاجي ذريعي اغوا کان بچائي ورتو سين، جيڪو مبينا طور عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيڻ لاءِ وڃي رهيو هو, انهن جي گهر وارن سان رابطو ڪري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.