رائونتي: ريلوي پوليس ڪانسٽيبل جي ايمانداري، عورت خوش

0
258
ريلوي پوليس ڪانسٽيبل

رائونتي (ن پ ا) پنجاب جي علائقي رحيم يار خان ۾ ريلوي پوليس ڪانسٽيبل ايمانداري جي مثال قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي ويندڙ ھزارہ ايڪسپريس ۾ سفر ڪندڙ عورت جو گُم ٿيل پرس پوليس ڪانسٽيبل عورت کي ٽرين اندر ڳولي واپس ڪيو

ڪانسٽيبل ٽرين مان مليل پرس جي اندر پيل ٽڪيٽ جي مدد سان عورت کي پرس واپس ڪيو، پرس جي اندر هزارين رپيا روڪ، موبائل فون، زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان هو

گم ٿيل پرس ملڻ تي عورت خوش ٿي وئي ۽ ڪانسٽيبل جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ريلوي پوليس جي ساراهه ڪئي