تهران (م ڊ) هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي تهران ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي صدر ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي جنازي نماز پڙهائي، جنازي ۾ فلسطين جي ويڙهاڪ جماعت حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه ، 40 ملڪن جي سربراهن سميت  لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، پورو ايران سوڳ ۾ ٻڏي ويو، اڄ مشهد ۾ امام علي رضا عليه جي روضي جي اڱڻ ۾ تدفين ٿيندي. قم، تبريز ۽ ٻين ايراني شهرن ۾ به صدر ابراهيم رئيسي ۽ ٻين جي لاءِ لکين ماڻهن پاران غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي وئي، تهران، نجف، تبريز ۽ ٻين شهرن ۾ به سوڳوار وڏي انگ ۾ موجود آهن ۽ پنهنجي اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن.