ذھني آجپي لاءِ تدريس

0
348
ذھني آجپي لاءِ تدريس

 ذھني غلامي جي عام فھم معنيٰ آهي فرد جي سوچ جو سندس ذاتي تجربن، مشاھدن، معلومات ۽ ضرورتن کي نظرانداز ڪري خارجي اثرن، حڪمن، اشارن، وھمن ۽ چوڻين مطابق سوچڻ، ٻڌل ڳالهين تي بنا ڇنڊڇاڻ جي اعتبارڪرڻ، ڪتابي ڪھاڻين کي بنا تصديق جي سچو سمجهڻ ۽ کوکلن نعرن جي پٺيان لڳڻ. ذھني غلامي جو شڪار ماڻهو ڪڏهن به پنهنجي وجود، ڪٽنب، علائقي، ملڪ يا دنيا جي بھتري لاءِ سوچي يا ذاتي ۽ اجتماعي زندگي کي بھتر بنـائڻ ۾ ڪو مثبت ڪردار اداڪري نه سگھندو آهي. ھو ھڪ اھڙي بيوسي جو شڪار ھوندو آهي، جيڪا ھن ۾ ڪابه اميد پيدا ٿيڻ نه ڏيندي آهي. ھو پاڻ، سندن اولاد ۽ سڄي معاشري سان ٿيندڙ ناانصافين کي پنهنجي قسمت يا خدا جوامتحان سمجھندو آھي. پنهنجي اکين آڏو ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ، ناانصافين تي خاموش رھندو آھي. شديد محنت جي باوجود ان جو اجورو نه ملڻ تي به خاموش رھنـدو آهي. تاريخ جي وھڪري ۾ آھستي آھستي ھلندي اھڙن فردن جي حيثيت اھڙن پالتو جانورن جھڙي ٿي وڃي ٿي، جيڪي ڪمائين ته مالڪ لاءِ ٿا پر سندن جسم جو گوشت ۽ جسم مان نڪرندڙ کير تي به مالڪي سندن آقائن جي ھوندي آهي. سندن خاموشي کي ڪجهه مفاد پرست صبر ۽ شڪر جو نالو ڏيندا آھن. اھڙن ذھني ڏتڙيل ماڻهن جي لاءِ عام رواجي تعليم ۾ اثرائتو حل موجود نه آهي. رواجي تعليم حاصل ڪري فرد وڏو ڪامورو (بيوروڪريٽ) ٿي وڃڻ جي باوجود ذھني غلام غلام ئي رھي ٿو ۽ ان مان بھتري جي اميد گھٽ ھوندي آهي، بلڪ ڪڏهن ته اھڙا غلامانا ذھنيت وارا آفيسر ماڻهن لاءِ وڌيڪ عذاب جو سبب بڻجندا آهن. ان جو ھڪ مثال نيلسن منڊيلا پنهنجي آتم ڪھاڻي ۾ بيان ڪيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست حڪومت واري دور ۾ جيل اندر ڪيترا ئي ڪارا آفيسر ڀورن انگريزن کان وڌيڪ ظالم ۽ ٽرڙا ھئا، جيڪي ظلم ڪرڻ ۾ ڀورن انگريزن کان اڳڀرا ھوندا ھئا. سندن ان ٽرڙائپ جو سبب پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ ھوندو ھو. سنڌ ۾ به اھڙن ٽرڙن ڪامورن جي کوٽ نه آهي.

رواجي تعليم ڪيتري به سٺي معيار جي ڇونه ھجي، ان ۾ مٿي بيان ڪيل ذھني غلامي مان آزادي جو ڪوبه حل موجود نه آهي. ان قسم جي ذھني غلامي جيڪا بيوسي جو روپ اختيار ڪري وٺندي آهي، ان مان آجپي لاءِ ھڪ مخصوص تدريس جي ضرورت آهي. اھڙي تدريس جو فوڪس معلومات فراھم ڪرڻ کان گهڻو اڳتي ھوندو آهي. ڪيتري به معلومات ھجڻ جي باوجود ان سان ذھني غلامي جو شڪار ٿي سگھي ٿو، بلڪ وڌيڪ معلومات ھجڻ جي صورت ۾ ھڪ ذھني غلام معاشري لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. اھڙي تعليم لاءِ ڀٽائي سرڪارفرمايو:

پڙھيو ٿا پڙھن، ڪڙھن ڪين قلوب ۾،

پاڻان ڏوھ چڙھن، جـئن ورق ورائين وترا.

ذهني آجپي لاءِ تدريس جو مرڪزي نقطو مضمون جو مواد نه پر “تدريس جو طريقو” ٿيندو آھي. درسگاهن جي اندر ساڳيو مواد ۽ ساڳيا ڪتاب ڪيترن ئي مختلف طريقن سان پڙھائي سگھجن ٿا ۽ ھر ڪنھن تدريسي طريقي جا شاگردن جي زندگي تي تمام گھرا اثر ٿين ٿا.  تدريس جي مختلف طريقن جي نتيجي ۾ شاگردن ۾ مختلف رويا جنم وٺندا آھن ۽ اھي رويا ٻارن جي شخصيت سازي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪن ٿا. مثال طور: تحقيق ٻڌائي ٿي ته پڙھائڻ ۾ سختي، جھڙوڪ سزا جو عمل ٻارن ۾ تشدد پسندي پيدا ڪري ٿو.

انسان جي ھزارين سالن جي تاريخ ۾ اڪثر ڪري تدريس جا جيڪي طريقا استعمال ٿيندا رھيا آھن، اھي انسان کي فرمانبردار ٺاهڻ لاءِ آهن. انسانن کي فرمانبردار بنائڻ لاءِ ڪڏهن ديوتـائن جو خوف، ڪڏهن بادشاهن يا آقائن جي ناراضگي، ته ڪڏهن قانون جي پڪڙ جو ڊپ ڏئي تعليم جي مدد سان انسان کي پنهنجي مرضي مطابق ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اھا ڪوشش ڪافي حد تائين  ڪامياب به رھي آهي. سوال آھي ته ھن وقت سنڌ جي ماڻهن کي وڌيڪ فرمانبردار ٺاھڻ جي ڪيتري ضرورت آهي؟ موجوده حالتن ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌ جا ماڻهو ھر وقت سرڪاري آفيسرن، پوليس وارن، وڏيرن، ۽ سياستدانن جي سامھون ھٿ ٻڌي بيٺا آھن، ۽ انهن جي سامھون ڪنڌ جھڪائي زمين تي ويٺا آھن. نوڪري وٺڻي ھجي يا دعا پنڻي ھجي، ھنن لاءِ ته ٻيو ڪو در ئي ڪونه آهي. ھي ماڻهو اھڙي ته ابدي غلامي جو شڪار ٿي چڪا آھن، جنھن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. نه ھو پنهنجي مرضي سان ووٽ ئي سگھن ٿا، نه وٽن سندن ٻارن لاءِ تعليم جو ڪو مناسب بندوبست آهي. نه پيئڻ جو صاف پاڻي، نه ڳوٺن ۾ مناسب روڊ رستا، نه بجلي. ٻھراڙيون ۽ شھر اھڙو ڏيک ڏين ٿا، ڄڻ ڪا بمباري ٿي ھجي. مٿن مڙھيل ٽيڪس ڄڻڪ سرڪاري ڀتو آهي، ڇوته سندن ٽيڪس جي جواب ۾ کين ملندو ڪجهه به نه آهي. اھڙين حالتن ۾ سنڌ ۾ اھڙي تدريس جي ضرورت آھي، جيڪا ماڻھن کي پنهنجي وجود جو احساس ڏياري. ھو محسوس ڪن ته ھو انسان آھن ۽ پيدا ڪرڻ واري کين اڪيچار صلاحيتن ۽ ھڪ مضبوط جسم سان پيدا ڪيو آهي. سالم دماغ، ھٿ، پير، اکيون ۽ مڪمل جسم ڪي گھٽ طاقتون نه آھن، جن کي استعمال ڪري ھو پنهنجي لاءِ، پنهنجي اولاد ۽ خاندان لاءِ، ملڪ ۽ پوري انسانذات لاءِ بھتر زندگي جي تعمير  ۾ پنهنجو حصي جو ڪم ڪري سگهن ٿا. ھنن لاءِ ان قسم جي تدريس جي ضرورت آهي، جيڪا کين پنهنجي وجود جي شناخت ڏيڻ سان گڏ کين سندن ملڪ ۽ ڌرتي جي وسيلن ۽ پوري عالم انسانيت سان تعلق جو به احساس ڏياري. اھڙي تدريس ماڻھن ۾ ڪنهن به قسم جو تڪبر يا ڪا نرگسيت پيدا نٿي ڪري پر ماڻهن کي اڃان به وڌيڪ با ادب ۽ سلڇڻو ڪري ٿي، منجهن ٻين قومن لاءِ به احترام جو جذبو پيدا ڪري ۽ انهن کي باھمي تعاون ۽ احترام جي لڙي ۾ پوئي ٿي. اھڙي تدريس انهن کي ڪائـنات جي رنگن مان لطف اندوز ٿيڻ ۽ ڪائنات جي رازن کي سمجهڻ جو شوق پيدا ڪري ٿي. اھا تدريس ڪنهن سان حسد ڪرڻ نه، بلڪ ماڻهن ۽ قومن جي ڪاميابين کي انساتذات جون ڪاميابيون سمجهي ۽ ان تي فخر ڪرڻ ۽ ڪامياب قومن ۽ انسانن کان سکڻ لاءِ آماده ڪري ٿي. اھڙي تدريس کي مان ذھني آجپي جي تدريس جو نالو ڏيان ٿو.

ذھني آجپي واري تدريس ڪھڙي ۽ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ان قسم جي تدريس کي سمجهڻ اسانجي استادن لاءِ تمام ضروري آهي ته هو تنقيدي سوچ جو استعمال ڪن. ذھني آجپي جي تدريس جو بنيادي فلسفو موجوده تعليمي نظام تي غور ڪرڻ سان آساني سان سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو. اسانجي موجوده تعليمي نظام جو گاڏو ابتو ھلي ٿو. ٿورو غور ڪرڻ سان خبر پوندي ته اسانجي تعليمي مسافري جو ٽانگو گھوڙي جي اڳيان ٻڌل آهي. انڪري ان جو اڳتي ھلڻ بنھ مشڪل ٿي پيو آهي. تعليم مطابق بحث مباحثا ۽ تقريرون پوري زور سان نڙي کولي تعليم جي اھميت جا قصيدا ڳائي رھيا آهن.

تعليم جي ان بحث ۾ تدريس به ھڪ ذيلي مضمون طور شامل آهي، پر اھا تعليم ۽ تدريس جن ٻارن کي ڏني وڃي ٿي، جنهن انسانن  جي ڀلائي ان جي اولين ترجيح ھجڻ گھرجي. انهن جو ذڪر تمام بحث مان غائب آهي. اسانجي ماڻھن کي ھن وقت ڇا گھرجي ۽ اسانجا شاگرد ڇا ڪري سگهن ٿا، ڪيترا باصلاحيت آهن، ان جو ذڪر تمام گھٽ آهي. ان بحث مان منھنجو  مطلب آهي ته شاگرد يا انسان ذات ۽ ان جي ڀلائي کي سڀ کان پھريون مقصد رکڻو پوندو. تدريس جي عمل ۾ جڏهن شاگرد يا انسان ذات کي اولين حيثيت ۾ رکنداسين ته تعليم جو سڀ کان اھم موضوع انسان ۽ انسان جي ڀلائي بڻجي ويندا. تدريس جي ان طرح پوزيشن کي تبديل ڪرڻ بنھ آسان نه آهي، ڇو ته اھا تبديلي ڪرڻ سان تعليم جي پوري ايجنڊا تبديل ٿي وڃي ٿي. اھڙو تدريسي علم ڪنهن طبقي جي اجاراداري جي تصور جي مڪمل نفي ڪري ٿو. اھڙي تدريس جي عمل دوران سکندڙ ۽ سيکاريـندڙ جي باھمي مشاورت سان علم وجود ۾ اچي ٿو. ان تدريس لاءِ مواد تي پڻ ڪنهن فردن يا ادارن جي اجاراداري نه ھوندي آهي پر انسان ۽ ان جا حقيقي مسئلا، ملڪ ڳوٺن ۽ شھرن جون حقيقتون مواد فراھم ڪن ٿيون. اھڙي تدريس اھو سمجهي ٿي ته انسان مسئلا پيدا به ڪن ٿا ۽ انھن جو حل به ڪري سگهن ٿا.

اھڙي قسم جي تدريس کي ممڪن بنائڻ لاءِ جرئت ۽ آزادي سان سوچڻ جي ضرورت آ ھي. آزادي سان سوچڻ يا غير روايتي طرح سوچڻ يا پنهنجي خول کان ٻاھر نڪرڻ، جنهن کي out of box thinking چئجي ٿو، ان جو استعمال ڪري ٻارن کي مد خارج مواد پڙھائڻ جي جاءِ تي انهن کي سوچڻ سيکاريو وڃي، جنهن جي مدد سان ھو پنهنجي ۽ پنهنجي معاشري ۾ موجود حقيقي مسئلن جو نه صرف ادراڪ ڪري سگھندا پر انهن ۾ پنهنجي معاشري ۾ موجود ڪارين رڍن، جيڪي رڍن جي روپ ۾ بگھڙ آھن، کي سڃاڻڻ جي صلاحيت پيدا ٿيندي.

 (پهريون حصو)