ذوالفقار علي ڀٽو: فوجي آمريت جو مقتول

0
34
ذوالفقار علي ڀٽو: فوجي آمريت جو مقتول

 4 اپريل 1979ع جو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جي چند سياهه ترين ڏينهن مان هڪ آهي. هي اهو ڏينهن آهي جڏهن عالمي سامراجي قوتن پاڪستان جي فوجي حڪمران جنرل ضياءُ الحق جي توسط سان هڪ چونڊيل وزير اعظم ۽ 1973ع جي آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهيءَ چاڙهايو هو. 45 سال گذري وڃڻ باوجود پاڪستان ۾ آباد مختلف قوميتن جا زمين زادا ان وقت جي ان غيرمعمولي سياستدان کي ناهن وساري سگهيا، جنهن پاڪستاني سياست جي نئين دور جو بنياد رکيو ۽ عوام کي اظهار راءِ سان گڏوگڏ پنهنجي ووٽ جي ذريعي قيادت کي چونڊڻ جو حق ڏياريو. اسان کي اهو ذهن ۾ رکڻو پوندو ته ذوالفقار علي ڀٽو انسان هو، ڪامل ولي يا آسماني اوتار هرگز نه هو. اجتماعي شعور واري ان جي سامراج دشمن ۽ عوام دوست سياست سان ڪو کڻي لکين اختلاف ڪري پر ان حقيقت کان انڪار ممڪن ڪونهي ته اهو ڀٽو ئي هو، جنهن ملڪ جي زمين زادن کي بالا دست طبقن ۽ عالمي سامراج خلاف نعرهء مستانه بلند ڪرڻ جو حوصلو ڏنو.

                 اسڪندر مرزا جي ڪابينا ۾ وفاقي وزير جي حيثيت ۾ شامل ٿي هو عملي سياست جي ميدان ۾ آيو. ان کانپوءِ ايوب خان جي ڪابينا ۾ مختلف وزارتن ۾ صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ پرڏيهي معاملي جي وزير واري منصب تي فائز ٿيو ۽ اها ئي وزارت ان جي لاءِ عالمي شهرت، لياقت ۽ دانش جي اعتراف جا دروازا کولي وئي. اهو پڻ صحيح آهي ته ڀٽو صاحب ايوب خان جي ڪنوينشن مسلم ليگ جو سيڪريٽري جنرل رهيو پر ڇا صرف ان ليڪي کي ڪُٽڻ جو ثواب ضروري آهي يا اهو ڏسڻو آهي ته پنهنجي دور جي معروضي حالتن جي بنياد تي جڏهن ايوب خان کان هو جدا ٿيو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي سان هڪ ترقي پسند جماعت جو بنياد رکيو، اهو قابل ذڪر آهي؟ ان جو سادو جواب اهو آهي ته سياست ارتقائي عمل جو حصو آهي. ڀٽو ان عمل ۾ اسريو ۽ پوءِ هڪ مرحلي تي هن زمين زادن سان گڏ بيهڻ جو شعوري فيصلو ڪيو. ان فيصلي جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن. اسان جا دوست ان تي اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ جي ذميواري مڙهين ٿا. انهن دوستن جو فڪري ۽ سياسي ابو جنرل ضياءُ الحق هن ملڪ تي 11 سالن کان ڪجهه وڌيڪ عرصو اقتدار تي قابض رهيو.

ڀٽي کان جنرل ضياءُ ۽ انهن جي ساٿارين (ان ۾ ان جي بي ٽيم جماعت اسلامي پڻ شامل آهي) جي نفرت ڪنهن کان به لڪل ناهي. جيڪي ماڻهو ڀٽي جي ڦاسيءَ واري ڏينهن حلوي جون ديڳيون ورهائي سگهن ٿا، انهن کي اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ ۾ ڀٽي جي ڪردار جي تر جيتري به ثابتي ملي وڃي ها ته اهي کيس قتل جي هڪ ننڍڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏيارڻ بدران غداريءَ جي ڪيس ۾ عبرت جو نشان بڻائين ها. عرض ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته ڀٽي صاحب کان جنرل شاهي رجعت پسندن ۽ انهن جي عالمي سرپرست آمريڪا جي نفرت هر ڪنهن تي واضح ۽ پڌري آهي. وطن جي محبت جو نعرو بلند ڪندي ٽين دنيا جي استحصالي طبقن خلاف محڪومن کي متحد ڪرڻ ۽ مسلم دنيا جا وسيلا مسلم دنيا جي تعمير ۽ ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ جو تصور ڏيندڙ ڀٽو انسانيت، امن ۽ ترقيءَ جي دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان کٽڪندو هوندو. ڀٽي صاحب جي ‘ڏوهن’ جي فهرست تمام ڊگهي آهي. 1973ع جو آئين، ائٽمي پروگرام (ان ائٽمي پروگرام تي ڪجهه تحفظات به يقينن هئا ۽ آهن)، اسلامي دنيا جو اتحاد، مسلم دنيا جي وسيلن کي مسلمانن جي سماجي تعليمي ترقي لاءِ استعمال ڪرڻ جي سوچ، اسلامي بينڪ قائم ڪرڻ جي ڪوشش، پاڪستان جي اندر تعمير ۽ ترقي لاءِ نئين دور جو بنياد، سامراج دشمنيءَ تي ٻڌل عوامي سياست، سوويت يونين سان اڳوڻين پاڪستاني حڪومتن جي ابتڙ بهتر لاڳاپا رکڻ، خطي ۾ آمريڪي اجارا داري جي راند ۾ هڪ مهري جي طور شرڪت ڪرڻ کان انڪار ئي اهڙا ڏوهه آهن، جن جي ڪري جرنيل مافيا سان مقامي رجعت پسند ۽ انهن جا سرپرست اقتدار ۾ اچڻ جي پهرين ڏينهن کان ئي سندس رت جا پياسا هئا.

اڄ ڪنهن کي ياد آهي ته ڀٽي صاحب جي اقتدار جي شروعاتي سالن ۾ عالمگير اسلامي انقلاب جي علمبردار جماعت اسلامي ان وقت جي آرمي چيف جنرل ٽڪا خان جي تصوير وارو پوسٽر ڇپرائي سڄي ملڪ ۾ ديوارن تي لڳرايو هو. پوسٽر تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو: “مٽ جائيگي مخلوق تو انصاف ڪروگي؟” اهو پوسٽر ڀٽي صاحب جي خلاف يو ڊي ايف جي سول نافرماني جي تحريڪ دوران رات وچ ۾ ديوارن تي لڳرايو ويو هو. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ڀٽي صاحب کان سياسي غلطيون پڻ ٿيون پر انهن غلطين جو تجزيو ٻي شيءِ آهي ۽ ڪردار ڪشي ٻي ڳالهه. پاڪستاني سياست جا اهي 10، 12 سال جن ۾ ڀٽو پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سياست ۾ آيو، کيس اقتدار مليو ۽ پوءِ ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو، تمام اهم آهن. بدقسمتيءَ سان انهن 10، 12 سالن تي تحقيقي انداز ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي، البته جنرل ضياءُ جي 11 سالن جي آمريت ۾ ان جي ڪردار ڪشيءَ جو هر هٿيار آزمايو ويو. جنهن ڀٽي صاحب کي جيترو وڌيڪ گٿو ڳالهايو، فوجي آمر جي درٻار ۾ ان ايڏو ئي وڏو منصب حاصل ڪيو.

انهن سمورين ڳالهين ۽ پروپيگنڊا جي باوجود ڀٽو صاحب اڄ به پنهنجي زماني جي شعور سان هن ڌرتيءَ جي فرزندن جي دلين ۾ زنده آهي. اڄ ڌيان جوڳي ڳالهه اها آهي ته پيپلز پارٽي ڀٽي صاحب جي سياسي فهم ۽ سامراج دشمنيءَ کي رهنما اصول بڻائي ٿي يا وقت جي سياست جي گهرجن موجب پارٽيءَ کي هڪ نجي ڪمپني وانگر هلايو وڃي ٿو؟

ڀٽي کي ڦاسي ڏني وئي، ان جي هڪ صاحبزادي کي زهر ڏيئي قتل ڪيو ويو، ٻئي کي اسٽيبلشمينٽ جي مهرن گهر ٻاهران گوليون هنيون. ان جي جوان حوصلي واري نياڻي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ جي ٻاهران ماري وئي. ان جي باوجود زمين زادن جي دلين ۾ ان جي محبت موجود آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته زمين زادا اهو سمجهن ٿا ته ڀٽو انهن مان هو ۽ ٻاهر وارن کيس ڦاسيءَ تي چاڙهيو. ڪاش پيپلز پارٽي ڀٽي جي فڪر جي حقيقي وارث بنجڻ جو ڪردار اپنائي سگهي.