دپيڪا پڊوڪون چئن سالن بعد وري فلم نگر ۾ واپس

0
164

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا دپيڪا پڊوڪون تقريبن ساڍن 4 سالن پوءِ ٻيهر هالي ووڊ  ۾ واپسي ڪري رهي آهي. اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ساڍن 4 سالن کانپوءِ پنهنجي ٻئي هالي ووڊ پراجيڪٽ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان اڳ اداڪارا 2017ع ۾ هالي ووڊ اسٽار ون ڊيزل سان گڏ فلم ”فلم ٽرپل ايڪس“ رٽرن آف زينڊر ڪيج“ ۾ ڪم ڪيو هو. پر ان کان پوءِ اداڪارا ڪنهن به هالي ووڊ پراجيڪٽ ۾ نظر نه آئي هئي، گھڻي عرصي کانپوءِ دپيڪا پنهنجي ٻي هالي ووڊ فلم سائن ڪئي آهي جيڪا هڪ رومانٽڪ ڪاميڊي فلم آهي، فلم جو نالو منظر عام تي ناهي آيو. اها فلم آمريڪي ميڊيا ڪمپني ايس ٽي ايڪس گلوبل ڪارپوريشن تحت تيار ڪئي ويندي.