دي گريٽس آف سنڌ

0
510
هـارڊ وَرڪ يا سـمارٽ وَرڪ

پاڪستان هڪ گھڻ قومي رياست آهي، جنهن ۾ مختلف قوميتون رهن ٿيون. هر قوم جي پنهنجي پنهنجي ٻولي، ثقافت، تاريخ الڳ الڳ اهميت جي حامل آهي. انهن قومن جا قومي هيرا به پنهنجا پنهنجا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته گذريل ستر سالن کان نصاب ذريعي نئين نسل کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني قومن جا هيروز ساڳيا آهن ۽ اُهي همراهه وري دنيا جي تاريخن ۾ حملي آور ۽ ڦورو جي طور ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. ڪهڙا نالا کڻجن.  دنيا ۾ ٽن عظيم شخصيتن جي نالن سان گڏ “اعظم” يعنيThe Great  جو مشهور لقب لڳايو ويندو آهي. اشوڪ اعظم (Asoka the Great) ، سڪندرِ اعظم، (Alexander the Great) ۽ اڪبرِ اعظم (Akber the Great) .
پهريون “دي گريٽ” هو اشوڪ اعظم (اشوڪا). تاريخي موريا گهراڻي جو هي بادشاهه راجا چندرگپت جو پوٽو هو. ڪالنگا ۽ اڙيسا واري جنگ کٽڻ کان پوءِ شديد خونريزي ڏسي اشوڪ بيمار ٿي پيو ۽ هن ٻيهر ڪڏهن رت نه وهائڻ جو عزم ڪيو ۽ باقي زندگي ان عزم تي قائم رهيو ۽ ٻڌ ڌرم اختيار ڪيائين ۽ اهنسا جي پرچار لاءِ هر هنڌ پنهنجا نمائندا موڪليا. سنڌ ۾ به هُن ڪجهه چيلا موڪليا. ان واقعي کان پوءِ مذهبي روادري واري رياست قائم ڪيائين. هُو آخر ۾ ۽ هڪ حڪمران مان ٻوڌي ڀڪشُو يعني ٻُڌ مت جو درويش بڻجي ويو هو ۽ هڪ عوام دوست حڪومت ۽ فلاحي رياست جوبنياد وجهڻ کان پوءِ تاريخ کين عظيم بڻائي ڇڏيو. اڄ دنيا هن کي “اشوڪ اعظم” جي نالي ياد ڪري ٿي. ٻيون “دي گريٽ” هو سڪندر اعظم. حالانڪه هي هڪ حمله آور جنگجو هو. مقدونيا جي سرزمين کان هليو ۽ ٻٽيهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ مري ويو ۽ ٻارنهن سالن جي عرصي ۾ دنيا جي ٽِن کنڊن تي فتح حاصل ڪئي. جڳ مشهور فلاسافر ارسطوءَ جي هن شاگرد پنهنجي حياتيءَ ۾ پنجاهه هزار اسڪوائر ڪلو ميٽر جي ايراضي فتح ڪئي. تاريخ دان هن ايڏي وڏي ڪاميابي سبب کيس “دي گريٽ” جو لقب ڏين ٿا. هندستان جي بادشاهه راجا پورس هِن کان جنگ هارائي ۽ قيد ٿيو. جڏهن جنگ هارايل قيدي بادشاهه راجا پورس کي سڪندر آڏو پيش ڪيو ويو ته سڪندر فتح جي غرور وچان پڇيو:“ ٻڌاءِ توسان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي”؟ قيدي بادشاهه وراڻيو: “اهو ئي سلوڪ جيڪو هڪ بادشاهه، ڪنهن بادشاهه سان ڪندو آهي”. ان جواب سڪندر کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ هُن راجا پورَس کي آزاد ڪيو ۽ سندس رياست موٽائي ڏني. اڄ دنيا هن کي “سڪندر اعظم” جي نالي ياد ڪري ٿي.
ٽيون “دي گريٽ” هو اڪبر اعظم. شهنشاهه جلال الدين محمد اڪبر ، مغل سلطنت جو چشمو چراغ هو. سنڌ جي شهر عمر ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، سندس ناناڻا به سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ جا هئا. عمر ڪوٽ ۾ اڄ به هن جي جاءِ پيدائش واري هڪ ننڍڙي يادگار موجود آهي. همايون بادشاهه کان ورثي ورتل هي مغل شهنشاهيت جو غيرمعمولي بادشاهه هو. اڪبر باڪمال بادشاهه هو. جديد هندستان جي اڄوڪي سيڪيولر رياست جو بنياد هِن باڪمال بادشاهه وڌو. اڪبر جو چاليهن سالن وارو دؤر هندستاني تاريخ جو غيرمعمولي دور ثابت ٿيو. بيربل، تانسَين، ،فيضي، ابوالفضل ، تُلسيداس جهڙا  اڪابر، اڪبر جي نوَن رتنن منجهان هيا ۽ اڪبري درٻار سان لاڳاپيل هئا. اڪبر جي دؤر ۾ “اڪبر نامه”، “آئينِ اڪبري”، “طبقاتِ اڪبري” ۽ “منتخبُ التواريخ ”جهڙا شاهڪار ڪتاب رقم ٿيا . اڪبر هر مذهب جي ڏهاڙن تي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو هو، علم ادب جي ڪتابن جا فارسي ۾ ترجما ڪرائي، عالمن کي گهرائي انهن تي بحث مباحثا ڪرائيندو هو.  سنڌ جي “دي گريٽ” شخصيتن جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته اِهي ڪهڙا ٽي نالا ٿي سگهن ٿا؟ مان سمجهان ٿو جيڪي شخصيتون پاڻ مرادو اِها “دي گريٽ” واري جاءِ والارين ٿيون، اُهي آهن: راجا ڏاهر دي گريٽ، شاهه لطيف دي گريٽ ۽ جي ايم سيد دي گريٽ. ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو انهن ٽِن نالن واري لسٽ ۾ ڪي ٻيا نالا به شامل ڪن پر مان سمجهان ٿو انهن ٽنهي نالن تي ڪنهن به روشن خيال سنڌ دوست کي ارهائي نه ٿيندي. 
راجا ڏاهر اهڙي شخصيت آهي جنهن لاءِ سرڪاري تاريخدانن الائي ڇا ڇا لکي ڇڏيو، جنهن جو تفصيل هتي ڏيڻ غير ضروري آهي ۽ سڀني کي خبر آهي. پنجاب ڏيڍ  ٻن صدين کان پوءِ اڄ جيڪڏهن راجا رنجيت سنگهه کي پنهنجو قومي هيرو مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي ۽ بادشاهي مسجد ۾ رنجيت سنگهه جي اسڪلپچر جو سرڪاري اعزاز سان افتتاح ڪيو ويو. حالانڪه رنجيت سنگهه به دنيا جي باقي طاقتور حڪمرانن وانگر ڪمزور قومن ۽ خطن تي حملا ڪري قبضا ڪيا. هن جي اخلاقي قدرن جي حالت اها هئي ته هُو هڪ سِک ياتري جي حيثيت ۾ پنهنجي مذهبي اسٿان امرتسر عبادت ڪرڻ ويو ته پنهنجي مذهبي عبادت واري شهر ۾ به حاڪماڻي هَوس واري اک وڌي ۽ ٻئي ڀيري تياري ڪري آيو ۽ حملو ڪري امرتسر تي قبضو ڪيائين. منشي سوهن لال پنهنجي ڪتاب “عمد‌‍‎ة التواريخ” ۾ لکي ٿو ته رنجيت سنگهه مٿان پنهنجي سڳي ماءُ کي، پيءُ سردار مهان سنگهه جي وزير، لکپت راءِ سان ناجائز تعلقات جي شڪ ۾ قتل ڪرڻ جو الزم هو. هڪ اک کان ڪاڻو، ڪيترين محڪوم قومن کان ساليانا ڏَن وٺندڙ، هزارين اسڪوائر ڪلو ميٽر جي ايراضيءَ تي قبضو ڪندڙ، مرڻ کان پوءِ ڪيترين ئي سَتي بڻجي سڙندڙ عورتن سان مرندڙ رنجيت سنگهه بابت اڄ سوا صديءَ کان پوءِ پنجابي قوم کي نيٺ احساس ٿيو آهي ته انهن جو  قومي هيرو محمود غزنوي نه بلڪه رنجيت سنگهه آهي.  اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سميت سموري پاڪستان ۾ اهو بحث ٻيهر ڇڙي پيو آهي ته جي ايم سيد جو پنهنجي قوم آڏو راجا ڏاهر کي سنڌ جو هيرو ڪري پيش ڪرڻ غلط نه هو. راءِ سهاسي گھراڻي جو ولي عهد راجا ڏاهر، جيڪو پنهنجي وطن جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندي حملي آورن هٿان مارجي ويو، ان دؤر جي آزاد رياست جو اُهو هيڊ آف اسٽيٽ هو، جنهن پنهنجي سنڌ جي سموري معلوم تاريخ جي سنڌي بادشاهن جي امن کي قائم رکڻ واري اصول ۽ ريت جي پاسداري ڪندي، ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ ۽ قوم تي ڪاهه نه ڪئي. هميشه پنهنجي مٿان ٿيندڙ حملن جي بچاءَ ۾ وڙهيو.   
شاه لطيف سنڌ جو اهو غيرتڪراري “دي گريٽ” آهي جنهن تي ڪنهن به مڪتبه فڪر جي ڪنهن به ڌر يا فرد کي ڪو اعتراض ناهي. شاهه لطيف جي اهميت ۽ حيثيت سنڌ ۾ اها آهي جيڪا فردوسيءَ جي ايران ۾، شيڪپيئر جي انگلينڊ ۾ ۽ سارتر جي فرانس ۾ آهي. “فارسي گھوڙي چاڙهسي” واري ڌاري ٻوليءَ جي لساني يلغار واري دؤر ۾ “جي تون فارسي سکئين ته گولو تون غلام” جو نعرو هڻندڙ شاهه لطيف پنهنجي سراپا ۾ پاڻ سنڌ آهي. جنهن “عالم سڀ آباد ڪرين” جي بين الاقوامي ڊاڪٽرائين  (Doctrine)ڏئي اقوامِ متحده جهڙن عالمي ادارن کي انسانيت جو آفاقي منشور ڏئي سموري عالم انسانيت کي عالمي آئين ڏنو.   سائين جي ايم سيد سنڌ جو اُهو “دي گريٽ” آهي، جنهن سنڌ واسين کي جديد سنڌ جي فڪري سرحدن جو بنياد وجهي ڏنو. انهيءَ غير معمولي بنياد تي عمارت جُڙڻ جا مرحلا اڃان گھڻو پري آهي، پر جديد سنڌ جو تصور ايڏو ته مضبوط، منظم، مهذب ۽ ايڏو ته حسين آهي، جو ان جو خيال اچڻ سان ئي دل ۾ هڪ خوبصورت احساس ٿو اڀري پوي ته الائي ڪهڙي نسل جا خوشنصيب سنڌي هوندا جيڪا سيد واري گھڙيل آجي سنڌ جا باشندا هوندا. آفريڪي ڪارن کان جيڪڏهن ڪوئي پڇي ته اوهان جو ڌڻي سائين ڪير آهي ته جواب ۾“نيلسن منڊيلا” کان سواءِ ٻيو نالو نه کڻندا. هندستان جو باپو “گانڌي جي” ئي سگهي ٿو. جديد ملائيشيا جو اڏيندڙ “مهاتير محمد” کانسواءِ ڀلا ٻيو ڪير هوندو؟ نئين چين جي اڏاوت “مائوزي تنگ” ئي ڪري سگهي ٿو. آمريڪا کي عظيم بنائيندڙ “جارج واشنگٽن” کان سواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح جديد سنڌ جو روح روان جي ايم سيد ئي ٿي سگهي ٿو. پياري دوست آدرش چواڻي ته “جي ايم سيد سنڌ جو شناختي ڪارڊ آهي”. هونئن ته سنڌ جا سائين سَوين پر، سـيــد جـي ڇـا ڳـالــهه ڪجـي!