دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور صفن ويجھو  ڪچي جي ديھه سک پور ۾ خان محمد راھو ۽ محمد ادريس راھو جي تيار بيٺل ڪمند جي فصل کي باهه لڳي وئي، مقامي ماڻهن پاران پنھنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو، زمين مالڪن جو چوڻ هو ته باهه سبب لکين رپين جو ڪمند سڙي ويو آهي،