ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار نصير الدين شاهه پنهنجي ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڀيرو هن کي هڪ دوست اداڪار پٺيءَ ۾ ڇُري وهائي ڪڍي هئي جنهن جي ڪري هن جو گھڻو رت وهي ويو هو.
نصير الدين شاهه اڪثر پنهنجن بيباڪ بيانن سبب خبرن جي زينت بڻيل رهندو آهي ۽ هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پنهنجي زندگي جي مختلف واقعن جو ذڪر ڪيوآهي.
ڀارتي اداڪار پنهنجي ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو ته اداڪار دوست جسپال کيس چاقو هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هو، اهو 1977ع جو واقعو آهي جڏهن هو ممبئي ۾ فلم ڀوميڪا جي شوٽنگ ۾ مصروف هو ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي دوست اوم پوري سان گڏ هڪ ريسٽورينٽ ۾ کاڌو کائي رهيو هو ته جسپال به اتي پهتو. نصير الدين شاهه وڌيڪ لکيو ته انهن ڏينهن ۾ هن ۽ جسپال وچ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي هئي جڏهن هو هوٽل ۾ داخل ٿيو ته آئون کيس نظرانداز ڪري ڇڏيو پر ڪجهه دير کان پوءِ جسپال کي پنهنجي ويجهو ڏٺو ۽ انهيءَ دوران هن منهنجي پٺي ۾ زوردار مُڪ هنئين، آئون جسپال کي قابو ڪرڻ لاءِ اٿيس پئي ته انهيءَ دوران اوم پوري منهنجي پٺي ڏسي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ جڏهن آئون پوئتي مڙي ڏٺو ته جسپال جي هٿ ۾ هڪ ننڍي ڇري هئي جنهن جي چنهنب مان رت وهي رهيو هو، جسپال ٻيهر حملو ڪرڻ لاءِ هٿ کنيو پر اوم پوري ۽ ٻن ٻين ماڻهن کيس روڪي ورتو.