دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي فورسز جي عمارت سان ٽڪرائي ڇڏي، 3 اهلڪار شهيد

0
124

ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي سيڪيورٽي فورسز جي عمارت سان ٽڪرائي ڇڏي

ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 16 زخمي ٿي پيا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سان عمارت کي به شديد نقصان پهتو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري پاران دهشتگرديءَ جي مذمت ڪئي وئي آهي

پنهنجي بيان ۾ بلاول چيو ته پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملا معاف ڪرڻ جوڳا نه آهن، دهشتگرديءَ جون نرسريون ختم ڪرڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي

آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرديءَ جا منصوبا تيار ڪندڙن ۽ سندن ٺڪاڻن کي ختم ڪرڻو پوندو

آصف زرداري پاران شهيد اهلڪارن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي