دعا منگي اغوا ڪيس: اي ايس آءِ خالد حسين جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

0
181
دعا منگي اغوا ڪيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ دعا منگي اغوا ڪيس جو مک جوابدار ذوهيب قريشي جي فرار ٿيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي پوليس اي ايس آءِ خالد حسين کي عدالت ۾ پيش ڪيو

عدالت مختصر ٻڌڻي بعد جوابدار خالد حسين کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان ڪيس جو چالان طلب ڪري ورتو

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ هينئر تائين 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل محمد نويد، هيڊ ڪانسٽيبل ناياب احمد، هيڊ ڪانسٽيبل محمد يونس، ڪانسٽيبل حبيب ظفر ۽ عمر فاروق شامل آهن

واضح رهي ته جوابدار زوهيب قريشي جي فرار ٿيڻ جو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي