مبينا هراسمينٽ جو نشانو بڻيل شاگردياڻي پروين رند تي مبينا حملو

0
379

دادو (رپورٽر) دادو ۾ هراسمينٽ جو شڪار ميڊيڪل جي شاگردياڻي پروين رند تي مبينا حملو ڪيو ويو آهي

دادو ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر سامهون شاگردياڻي پروين رند تي مبينا حملو ڪري کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

پروين رند الزام هنيو آهي ته ايس ايس پي آفيس وڃڻ لاءِ نڪري رهي هيس ته هٿياربندن هٿيارن جي زور تي روڪي ورتو

پوليس جي پهچڻ بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، حياتي کي خطرو آهي، جنوري تي دولتپور ۾ حاضري آهي، سيڪيورٽي لاءِ ايس ايس پي آفيس وڃي رهي هيس

هي به پڙهندا

غريب جي نياڻيءَ کي عزت سان تعليم پرائڻ جو حق نه ٿا ڏيو ته پوءِ ماري ڇڏيو: پروين رند لڙڪ لاڙي ويٺي