دادو ۾ سيپڪو جو ڪارنامو، اخباري هاڪر ڏانهن 7لک 43 هزار رپيا بل موڪلي ڇڏيو

0
169

دادو (رپورٽر) دادو ۾ سيپڪو جو ڪارنامو، اخباري هاڪر ڏانهن 7لک 43 هزار رپيا بل موڪلي ڇڏيو، دادو ۾ سيپڪو جو ڪارنامو، 7سال اڳ  ميٽر جمع ڪرائيندڙ اخباري هاڪر ڏانهن 7 لک 43 هزار رپيا بل موڪلي ڇڏيو

متاثر خدا بخش ملاح جو چوڻ هو ته سيپڪو انتظاميه 7سال اڳ بل  ڪليئر ڪرائي بجلي جو ميٽر لاهي جمع ڪيو ڪيو هو

اخباري هاڪر موجب 7سالن دوران بجلي جو بل نه آيو، آڪٽوبر ۾ 7 لک 43 هزار بل موڪلي  ظلم ڪيو ويو آهي

خدا بخش ملاح چتاءُ ڏيندي چيو ته بجلي ٻاريندا ئي ناهيون، لکين رپيا بل ڪٿان ڀريون، هن چتاءُ ڏنو ته بل ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾  پاڻ ساڙيندس