دادو ( رپورٽر ) فرسٽ سول جج  دادو محمد اشرف ڏهراج جي عدالت جوا جي ٽن الڳ الڳ ڪيسن ۾ ذوالفقار چانڊيو ،  خالد ، بلاول پنهور ، مولابخش ٿهيم ، غلام شبير ، عرفان ، ماجد شاهاڻي ، مٺل کوکر ۽ اظهر سولنگي سميت 36 جوابدارن کي هڪ هڪ سال قيد ۽ ٽي ٽي سو رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جوابدارن خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي 3 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيل هئا جن ۾ کين سزا ٻڌائي وئي، عدالت 36 ڄڻن کي پروويشن سزا ٻڌائي جيڪي هر مهيني ڊي سي آفيس ۾ پروويشن آفيسر آڏو حاضري تي پيش ٿيندا ، هلندڙ سزا دوران نئون ڪيس داخل ٿيڻ تي کين جيل حوالي ڪيو ويندو.