دادو: ڪي اين شاھ جي نوجوان ناري سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق

0
381
دادو: پراونشنل هاءِ

دادو(ن پ ا) ڪي اين شاھ جي نوجوان ناري عاصمه سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ٿي وئي، ناري عاصمه جي ڀاءُ صدام حسين ملاح ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪري ڇڏيو، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۾ جنسي ڏاڍائي جي تصديق ٿي آهي، ڪي اين شاھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او به عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڳوٺ ڪائري جي ڳوٺاڻن کان بيان ورتا جن عاصمه سان دلبر چانڊيو ۽ ٻين اغوا ڪري ڏاڍائي ڪئي.