دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ڀرسان ڳوٺ شهداد خان برهماڻي جي رهواسي پورهيت گلزار احمد برهماڻي جو  معصوم نينگر سارنگ اک ۾ ڌڪ لڳڻ بعد علاج نه ٿيڻ سبب زخم وڌڻ ڪري ڪينسر ۾ مبتلا ٿيڻ بعد اذيت واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهي، نينگر سارنگ کي ڏيڍ مهينو اڳ اک ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري دادو اسپتال آندو ويو، جتان کيس سيوهڻ ريفر ڪيو ويو، سيوهڻ، حيدرآباد ۽ حيدرآباد مان کيس جناح اسپتال ڪراچي ريفر ڪيو ويو، ان ڏس ۾ نينگر جي والد گلزار ۽ ماءُ ثمينه  روئيندي ٻڌايو ته دادو ، سيوهڻ ، حيدرآباد توڙي جناح سپتال ڪراچي ۾ پٽ جي اک ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٿيل زخم جو علاج نه ڪيو ويو ، ابتو  جناح اسپتال ۾ اسان جي پٽ جي اک جو آپريشن ڪرڻ بدران چيو ته نڪ جي هڏي جو مسئلو آهي، جناح وارن نڪ جي سرجري ڪئي پر پٽ سارنگ جي اک وارو زخم الٽو ناسور ۾ تبديل ٿي ويو آهي،  هنن چيو ته پٽ جي علاج تي الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو آهي پر پٽ صحتياب ناهي ٿيو،  نوٽيس وٺي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي پٽ جي حياتي بچائي وڃي.