دادو (رپورٽر ) دادو ڀرسان ڇنڊڻ لڳ قاسم آباد چوڪ وٽ گوپانگ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ نوجوان واحد علي پٽ محمد عارب گوپانگ قتل ٿي ويو، 2 ڄڻا علي رضا ۽ مجاهد گوپانگ زخمي ٿي پيا، وارثن پاران مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف حبدار علي، مختيار علي گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاش رکي ايس پي چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ايس ايچ او اسان جي زمين تان سولر پليٽون لاهي کڻي ويو هو، عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد درخواست تان هٿ نه کڻڻ تي جوابدار ساٿين سميت هٿياربند ساڻ ڪري  پڪوڙن جي دڪان تي سڌي فائرنگ ڪري واحد علي قتل ڪري ڇڏيو،   علي رضا ۽ مجاهد کي زخمي ڪيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف  بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او احتشام جمالي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

قتل الزام هيٺ آيل ايس ايچ او معطل، گرفتاري نه ٿي

دادو: ايس ايس پي دادو سميع الله سومرو نوجوان واحد علي گوپانگ جي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي الزام هيٺ آيل ايس ايچ او نور محمد گوپانگ کي معطل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي موجب ايس ايچ او نور محمد گوپانگ پوليس لائين ۾ هو .