دادو: مڙس پيرسن زال، نوجوان ڌيءَ ۽ معذور پٽ کي گهران ڪڍي ڇڏيو

0
140

دادو(ن پ ا) جوهي جي ڳوٺ صاحب خان لغاري ۾ مڙس پيرسن زال، نوجوان ڌيءَ ۽ معذور پٽ کي گهران ڪڍي ڇڏيو .

مسمات حليمان نوجوان ڌيءَ صائمه ۽ معذور پٽ امداد سميت عدالت پهچي مڙس خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.

مسمات حليمان چيو ته مڙس بشير لغاري جون ٻه شاديون ٿيل آهن، مون کي ڌيءَ ۽ پٽ سميت گهران ڪڍي ڇڏيو.

هن چيو ته ڳوٺ ۾ جهوپڙي ٺاهي ويٺاسين ته مڙس هٿيارن سان ماڻهو ساڻ ڪري جهوپڙي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، کٽون، بسترا ۽ ڪپڙا سڙي ويا.

فورٿ ايڊيشنل سيشن جج درخواست تي 13 آڪٽومبر تي ٻڌڻي رکي ڇڏي.