دادو: ايم اين وي ڊرين تي ڳري مشينري پهچڻ بعد ڏنڊا بردار ڳوٺاڻا پهچي ويا، ڇڪتاڻ

0
479

دادو ڀرسان ايم اين وي ڊرين تي ڳري مشينري پهچڻ بعد ڏنڊا بردار ڳوٺاڻا پهچي ويا، آبپاشي عملي ۽ ڳوٺاڻن ۾ جهيڙي بعد پوليس نفري طلب ڪئي وئي آهي

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڳوٺ درُ محمد ابڙو وٽ دادو جي طرف ايم اين وي ڊرين کي ڪٽ هڻڻ نه ڏنو ويندو

پ پ ايم اين اي رفيق جمالي چيو آهي ته ڳوٺ دُر محمد ابڙو  وٽ ايم اين اي ڊرين کي ڪوبه ڪٽ نه پيو ڏنو وڃي

ڳوٺاڻن ۽ آبپاشي عملدارن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به صورت ڊرين کي ڪٽ نه ڏيڻ ڏينداسين، جڏهن ته ڇڪتاڻ بعد پوليس نفري طلب ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

ايم اين وي ڊرين ۽ جوهي برانچ کي لڳل ڪٽ جو پاڻي رنگ بند سان ٽڪرائجي ويو

آخري ڊفينس لائين خدا واهه ٽٽڻ بعد خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي ويو