دادو: سردار چانڊيو پاران فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان

0
754
لاڙڪاڻو: عدالت سردار چانڊيو

دادو(ن پ ا) دادوجي عدالت ام رباب جي پيءُ،  ڏاڏيءَ ۽ چاچي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي ڪيس ۾ جوابدار طور نامز ڪرڻ واري فيصلي بابت چيو آهي ته اسان مٿان بنا ثبوت جي الزام هنيا ويا آهن.

ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته اسان عدالتي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا پر، هن  فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪنداسين، اسان کي سياسي بنيادن تي ڦاسايو ويو آهي.