دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي ٽي بي ڪالوني ، آدم خان سولنگي ، ايڪسائيز ڪالوني ، قاسم آباد ۾ گئس پريشر تمام گهٽ هئڻ خلاف محمد ايوب شيخ ، نياز پنهور ۽ محمد علي سولنگي جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري سئي گئس آفيس ۾ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ، سئي گئس آفيس جي گارڊن پاران مظاهرين کي زبردستي اٿارڻ تان گارڊن ۽ مظاهرين وچ ۾ منهن ماري ۽ جهڙپون ٿيون ، بعد سئي گئس انتظاميا پوليس اهلڪارن کي طلب جن مظاهرين کي گئس پريشر وڌائڻ جي خاطري ڪرائڻ کانپوء ڌرڻو ختم ڪيو ويو ، مظاهرين دانهيو آهي ته گئس جو پريشر ايترو ته گهٽ آهي جو رڌ پچاء لاءِ ڪاٺيون ٻارڻ تي مجبور آهيون ، بل اهي ئي ساڳيا اچن ٿا پر گئس ناهي ، هنن چتاء ڏنو آهي ته جيڪڏهن گئس پريشر نه وڌايو ويو ته هو ٻيهر ڌرڻو هڻندا.