دادو (رپورٽر ) ميهڙ جي کڏ جو ڳوٺ ۾ 3  ڏينهن اڳ پسند جي شادي ڪرڻ تان ٻارهين جماعت جو شاگرد وارث ملاح  ۽ ممتاز ڌيءُ محمد علي ملاح مبينا طور اغوا، وارث ملاح جي پيءُ ارباب علي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته سندس پٽ وارث ملاح ۽ ممتاز گهران نڪري پسند جي شادي ڪئي جنهن تي ممتاز جي مائٽن ارشاد، سرتاج، عبدالستار ۽ ٻين منهنجي پٽ ۽ ننهن کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري قيد ڪيو آهي جن جي حياتين کي خطرو آهي منهنجي پٽ ۽ ننهن کي ڇڏڻ لاءِ 5 لک رپيا گهريا آهن، رقم نه ڏيڻ تي ٻنهي کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، مان اهڙو ڪيس داخل ڪرائڻ ميهڙ ٿاڻي تي ويس پر پوليس ڪاروائي نه ٿي ڪري. منهنجي پٽ ۽ ننهن کي بازياب ڪرائي سندن حياتيون بچايون وڃن، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت 22 ڊسمبر تي ايس ايچ او ميهڙ کي واقعي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ڌرين کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيو.