دادو جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ جون 3 لک ٻوريون وڪڻڻ جو انڪشاف

0
158
دادو جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ جون 3 لک ٻوريون وڪڻڻ جو انڪشاف
دادو جي سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ جون 3 لک ٻوريون وڪڻڻ جو انڪشاف

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو فوڊ کاتي مان ڪڻڪ جون 3 لک ٻوريون سرڪاري گودامن مان کڻي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڪڻڪ جي خرد برد ڪرڻ تي نيب جي ٽيم دادو پهچي وئي

نيب ٽيم دادو ضلع جي مختلف گودامن تي ڇاپا هڻندي ۽ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرول آفيس پڻ پهچندي

هڪ مهينو اڳ ڊي ايف سي گهوٽڪي عرفان احمد جوکيو دادو ضلع جي فوڊ گودامن جي فزيڪل ويري فڪيشن ڪئي ۽ گودامن مان وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ گم هئڻ جي سيڪريٽري فوڊ کي رپورٽ پيش ڪئي

سيڪريٽري فوڊ 3 ضلعن جي ڊي ايف سي تي مشتمل فزيڪل ويريفڪيشن لاء ڪاميٽي جوڙي ورتي آهي

هي به پڙهندا

موٽر وي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 6 ئي جوابدار جيل منتقل