دادلغاري (ن پ ا ) دادلغاري ويجھو ڳوٺ اڀايو مھر مان ناري خاتون مھر ڌي لال بخش مھر مبينا طور اغوا  ٿي وئي، وارثن پاران ملڪ  برادري جي نوجوان صاحب ملڪ تي اغوا جو شڪ ڪندي پلاند ۾ 4 عورتون، 3ٻارڙا ۽ ھڪ نوجوان کي يرغمال بڻائي کڻي ويا، پوليس ملڪ برداري جي يرغمال بڻيل عورتن جي بازيابي لاءِ 8ٿاڻن جي پوليس دادلغاري ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ يارو لنڊ، ميرپورماٿيلو، کينجھو، جروار، دادلغاري، ڏھرڪي، ريتي سميت ٻين ٿاڻن جي پوليس ساڻ گھري ڳوٺ اڀايو مھر تي چڙھائي ڪئي، ھوڏانھن دادلغاري ايس ايڇ او ذوالفقار مھر ۽ وڏي ٿاڻي جي منشي پنھل نوھاڻي ٻڌايو ته ھڪ ڏينھن اڳ مھر برادري جي ناري خاتون مھر غوا ٿي وئي هئي، الزام ملڪ برادري جي نوجوان مٿان آھي، عورتون يرغمال ناھي ٿيون، مھر برادري جي چڱي مڙس صادق مھر وٽ سام ويٺل هيون، جن کي پنهنجي مائٽن حوالي ڪيو ويو آهي، ملڪ ڌر جي نور محمد ملڪ ويڊيو بيان ۾ چيو ته اسان يرغمال نه ھئاسين، صادق فقير مھر جا ھاري آهيون، جنهن ملڪ ڌر سان مھر ڌر جو مسئلو ھلي پيو ان سان اسان جو ڪو تعلق ناھي، اسان محفوظ ھئاسين، باعزت طريقي سان واپس پهچايو ويو آهي.