خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڊائمنڊ ڪرڪيٽ ڪلب طرفان ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن خيرپور جي تعاون سان، ناز هاءِ اسڪول جي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ٽئين قائد اعظم ٽرافي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن. ان سلسلي ۾ پھريون سيمي فائنل ميچ مون لائيٽ ڪرڪيٽ ڪلب خيرپور ۽ المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب پير جو ڳوٺ وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب پير جو ڳوٺ جي ٽيم پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 159 رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي وئي جنھن ۾ سنگھار 55 ۽ نومي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جواب ۾ مون لائيٽ ڪرڪيٽ ڪلب سخت مقابلي بعد 149 رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي وئي جنھن ۾ ارسلان 40 رنسون ٺاهيون جڏهن ته فيضان 4 وڪيٽون حاصل ڪيون. اھڙي طرح المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب پير جو ڳوٺ جي ٽيم 10  رنسن تان ميچ کٽي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ميچ ۾ مھمان خاص ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن ۽ سيڪريٽري سکر ڊويزن جمناسٽڪ ايسوسيئيشن غلام مرتضيٰ ڏھوٽ هو، ان سان گڏ ظھير مري، حفيظ ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٻيو سيمي فائنل سڀاڻي (اڄ) بخت علي ڏھوٽ ڪرڪيٽ ڪلب خيرپور ۽ الراشدي ڪرڪيٽ ڪلب پير جو ڳوٺ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.