خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ شاهه حسين باءِ پاس وٽ مزدا جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه ٽريفڪ پوليس اهلڪار فوت، لاش وارثن حوالي، گهرن ۾ ڪهرام، خبر موجب شاهه حسين باءِ پاس وٽ مزدا موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه ٽريفڪ پوليس اهلڪار فدا حسين لاڙڪ ۽ امتياز حسين ميتلو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ اهلڪار فدا حسين ميتلو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪجهه ڪلاڪن بعد ٻيو اهلڪار امتياز حسين ميتلو به زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، ضروري ڪارروائي بعد ٻنهي اهلڪارن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، اهلڪارن جا لاش سندن گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.